Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_08nmddndlolvdbfv00crsqvlks, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
12 آڪٽوبر، 21 سالن کانپوءِ ! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar 12 آڪٽوبر، 21 سالن کانپوءِ ! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

12 آڪٽوبر، 21 سالن کانپوءِ !

هي ايڪويھه سال اڳ جي ڳالھه آهي، 12 آڪٽوبر جو ڏينهن هو، ملڪ ۾ زندگي جو وهنوار معمول موجب هلي رهيو هو، ڪنهن کي به خبر نه هئي ته شام جو لهندڙ سج پاڻ سان گڏ ملڪ جو سياسي نظام ئي  کڻي ويندو.
 انهن ڏينهن ۾ ان قسم جي ميڊيا جو اڃان انسان  تصور ئي نه پئي ڪيو، جيڪا اڄ پاڻ وٽ موجود آهي. رڳو سرڪاري ٽي وي ۽ باقي اخبارون معلومات جو ذريعو هيون، سرڪار جي ثناخواني جو ڪم پي ٽي وي حوالي هو. 21 سالن بعد به پي ٽي وي اتي ئي بيٺل آهي، باقي دنيا تبديل ٿي چڪي آهي.
 معمول جي حالتن ۾ اخبارن جي ايڊيٽرن ۽ نيوز ايڊيٽرن لاءِ اهو مسئلو هوندو آهي ته اخبار جي ليڊ ڪهڙي هجڻ گهرجي؟  ان ڏينهن آئون حيدرآباد ۾ هڪ اخبار جي آفيس ۾ موجود هئس، ته مرحوم جعفر ميمڻ مرڪندو ايڊيٽر جي آفيس ۾ داخل ٿيو، چيائين ته ملڪ جو آرمي چيف تبديل ٿي ويو آهي، هو ان اخبار جو نيوز ايڊيٽر هو ،هن سمجهيو پئي ته اڄوڪي ليڊ جو بندوبست ٿي ويو، ڪجھه دير بعد اوچتو سرڪاري ٽي وي جي نشريات بند ٿي وئي ۽ ان بعد معاملو منجهيل رهيو ته ڇا ٿي رهيو آهي. بحرحال دير سان خبر پئي ته ملڪ جي چونڊيل حڪومت ختم ٿي چڪي آهي، آرمي چيف جي غير موجودگي ۾ ان جي ٽيم پي ٽي وي اسلام آباد  مٿان قبضو  ڪري ورتو هو ۽ وزيراعظم هائوس جو گيٽ اورانگهي ٽرپل ون برگيڊ جا جوان اندر داخل ٿي چڪا هئا، ملڪ جو وزيراعظم، سندس ڀاءُ شهباز شريف ۽ خاندان سميت گرفتار ٿي چڪو هو. گهڻن سالن بعد نواز شريف کان جڏهن ان ڏينهن جي باري ۾ پڇيو ويو هو ته هن مختصر جواب ڏنو هو. “ سج اڀريو ته اسان جي حڪومت هئي لٿو ته اسان قيدي بڻجي چڪا هئاسين”
ان ڏينهن ۾  ۽ ان کانپوءِ به پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ حامين جو اهو موقف هو ته چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ڪنهن رٿابندي نه پر ردعمل جو نتيجو هو، جيڪو نواز شريف جي تڪڙ جي ڪري سامهون آيو هو. پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ فوجي انقلاب ۾ شامل فوجي جي اعليٰ آفيسرن ضمير جو بار لاهڻ لاءِ رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪتاب لکيا، جنهن ۾ هنن واضح لکيو ته پاڪستان جي چونڊيل حڪومت ختم ڪرڻ جو فيصلو پهرين ٿي چڪو هو.
پاڪستان ۾ جنرل مشرف چوٿون آرمي چيف هو، جنهن ملڪ مٿان فوجي حڪومت قائم ڪئي ۽ پاڻ کي چيف ايگزيڪٽو نامزد ڪري ملڪ جو وهنوار سنڀاليو. هن پهريون قوم کي خطاب ڪراچي ڪور ڪمانڊر جي آفيس  ۾ رڪارڊ ڪرايو هو، جيڪو رڪارڊ ٿيڻ بعد رات جو دير سان آن ايئر ٿيو،
12 آڪٽوبر 1999ع تي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف سري لنڪا جو دورو ختم ڪري واپس ملڪ موٽي رهيو هو ته ان دوران نواز شريف ان وقت جي ڊي جي  آءِ ايس آءِ ليفٽينٽ جنرل ضياالدين بٽ کي ملڪ جو آرمي چيف مقرر ڪيو هو. جنرل مشرف سري لنڪا مان روانگي کان اڳ ۾ راولپنڊي ۾ سمورو منصوبو تيار ڪري ويوهو، هن سمورن آفيسرن جون ڊيوٽيون به لڳائي ڇڏيون هيون. ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته وزيراعظم سندس غير موجودگي ۾ کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيندو.
 نواز شريف جنرل ضياالدين بٽ کي آرمي چيف بڻائڻ جو فيصلو ڪجھه وقت اڳ ڪيو هو، اهو فيصلو دبئي ۾ هڪ ميٽنگ ۾ ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته نواز شريف کي اندازو هو ته جيڪڏهن اها ميٽنگ پي ايم هائوس ۾ ٿي ته اها ڳالھه ٻاهر نڪري ويندي. نواز شريف کي جنرل مشرف جي سرگرمين مان اندازو ٿي چڪو هو ته هو ڪجھه به ڪري سگهي ٿو. ڪوئيٽا جي ڪور ڪمانڊر جنرل طارق ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي ته جنرل مشرف کيس فوري تي هٽائي ڇڏيو هو، ۽ ان بعد اهو آرڊر به جاري ڪيو هو ته ڪوبه فوجي آفيسر وزيراعظم يا ڪنهن ٻئي سويلين سربراھه سان ملاقات کان اڳ ۾ آرمي چيف کان منظوري وٺڻ جو پابند هوندو، جنرل مشرف فوري طور تي منگلا ۽ پنڊي جا ڪور ڪمانڊر تبديل ڪيا ۽ ٽرپل ون برگيڊ جو سربراھه به تبديل ڪري ڇڏيو. ٽئي سربراھه اهي مقرر ڪيا ويا، جن مٿان جنرل پرويز مشرف جو اعتبار هو. جنرل جهانگير ڪرامت کي سيپٽيمبر 1998ع ۾ ميان نواز شريف لاهور ڪاليج جي هڪ تقريب ۾ حڪومت جي باري ۾ ڳالھائڻ تان آرمي چيف جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو ۽ هن پنهنجي اعتبار واري پرويز مشرف کي آرمي چيف مقرر ڪيوهو. جهانگير ڪرامت کي هٽائڻ واري فيصلي تي فوج جي اعليٰ آفيسرن اندر ناراضگي موجود هئي.
12آڪٽوبر 1999ع ٽپهري جو نواز شريف پنجاب ۾ هڪ شهر ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪري فوري طور واپس موٽيو، جلسي مان روانگي کان پهرين سيڪريٽري دفاع چوڌري افتخار( چوڌري نثار جو ڀاءَ) کي پي ايم هائوس پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. نواز شريف ان جلسي ۾ ڪا متاثر ڪندڙ تقرير نه ڪئي ڇاڪاڻ ته هو سخت اڻ تڻ جو شڪار هو، جلسي اندر موجودگي دوران هن هاٽ لائن گڏ رکرائي، جتي هن ٻه ڀيرا ڳالهايو هو. جلسو ختم ڪري نواز شريف فوري طور تي ملتان ايئر پورٽ پهتو ۽ اتان سڌو  پي ايم هائوس پهچي هن فوري طور سيڪريٽري دفاع جي اچڻ بابت پڇا ڪئي، کيس ٻڌايو ويو ته دفاع وارو سيڪريٽري اچي ويو آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سيڪريٽري دفاع جنهن ڪمري ۾ موجود آهي، اتي ئي رهي، ڪيڏانهن به نه وڃي. ان وقت شهباز شريف ۽ چوڌري نثار به پي ايم هائوس ۾ موجود هئا، پر ان جي وزيراعظم ۽ سيڪريٽري دفاع کي خبر نه هئي، نه ئي شهباز شريف ۽ چوڌري نثار کي خبر هئي ته نواز شريف ڇا ڪرڻ وڃي رهيو آهي. نواز شريف فوري طور تي ٽائپ ٿيل سمري سيڪريٽري دفاع کي موڪلي، جنهن ۾ جنرل ضياالدين بٽ لاءِ نئين آرمي چيف جي مقرري جي سفارش  ٿيل هئي،  سيڪريٽري دفاع کي چيو ويو ته صحيح ڪريو، هن سمري تي صحيح ڪئي ان  بعد وزيراعظم پاڻ ان سمري تي صحيح ڪري ، سمري وارو فائل کڻي ايوان صدر پهتو،  جتي هن صدر رفيق تارڙ کان صحيح ڪرائي، ان دوران جنرل ضياالدين بٽ کي چيو ويو ته هو فوري طور تي عهدي جي چارج وٺي. جيئن جنرل بٽ آرمي هائوس فون ڪئي ته اڳواٽ رٿيل منصوبي تحت ڪارروائي شروع ٿي وئي. وزيراعظم هائوس پاران ايوي ايشن کي هدايت ڪئي وئي ته سري لنڪا مان ايندڙ جهاز کي واپس موٽايو وڃي. ان دوران ئي ڪورڪمانڊر ڪراچي ڪارروائي شروع ڪئي ۽ هڪ ڪلاڪ اندر  ايئر پورٽ جو ڪنٽرول ٽاور ڪنٽرول ۾ اچي چڪو هو، اسلام آباد ۾ فوج وزيراعظم هائوس ۾ داخل ٿي چڪي هئي. ملڪ مان سياسي نظام جو خاتمو اچي چڪو هو، جنرل مشرف اقتدار تي قبضي جي رٿا بندي ته ڪري چڪو هو پر ان بعد ڇا ٿيندو، ان باري ۾ هن ڪا به رٿابندي نه ڪئي هئي، اهو ئي سبب هو ته جڏهن ايئر پورٽ تان هو ڪورڪمانڊر آفيس پهتو ته ان وقت اهو سوال پيدا ٿيو ته جنرل مشرف کي ڇا ڪرڻو آهي، تقرير ۾  ڇا چوڻو آهي، سندس عهدو ڪهڙو تخليق ڪجي، سڀ ان باري ۾ بي خبر هئا. ان رات پاڪستان جو اقتدار جيڪو سندس ٽيم  پليٽ ۾ رکي ڏنوهو، هو هڪ ڏهاڪي تائين ان جو مزو وٺندو رهيو ۽ پاڪستان جي سياسي شڪل تبديل ٿي وئي.
 21 سالن جي ان عرصي ۾ پاڪستان گهڻو ڪجھه وڃائي چڪو آهي، دهشتگردي واري جنگ ۾ پاڪستان کي نه رڳو هزارين شهرين جي زندگين جي قرباني ڏيڻي پئي، پر هڪ بي نتيجا جنگ ملڪ جي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو. محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. نواز شريف هڪ دفعو سعودي عرب ۽ آمريڪا جي سهڪار سان خوشي سان جلاوطن ٿيو ۽ پنهنجي خاندان کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته ٻيو ڀيرو سندس ئي حڪومت ۾ عدالت ذريعي نااهل ڪيو ويو، جيل به ويو، هن وقت ملڪ جي عدالت کيس قانون جو ڀڳوڙو قرار ڏئي چڪي آهي، ۽ هو لنڊن ۾ ويهي موجوده حڪومت خلاف ايندڙ ڏينهن ۾ هلندڙ تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي.
هنن 21 سالن ۾ اسان ڇا حاصل ڪيو؟ هن سوال تي غور ضروري آهي، جيتوڻيڪ پرويز مشرف جو دور ڪيترن ئي حوالن سان اهم رهيو آهي. پاڪستان ۾ نجي ٽي وي چينلز جو انقلاب مشرف دور ۾ ئي ممڪن ٿيو، پاڪستان مٿان ڊالرن جا در کلي ويا، دولت جي پاڻي وانگر اچڻ جي نتيجي ۾ ان جو معمولي حصو عوام تائين به پهچايو ويو ۽ باقي رقم ٻاهر منتقل ڪئي وئي. ماضي جي ڀيٽ ۾ مشرف جي آمريت هڪ ٻئي رنگ سان آئي هئي. ضياءَالحق جيان هن دفعي ماڻهن کي ڪوڙا نه هنيا ويا، بينظير ڀٽو اڳ ۾ ئي جلاوطن هئي ، نواز شريف پاڻ ملڪ ڇڏي ويو، ان بعد جنرل مشرف لاءِ  ملڪ ۾ ڪو وڏو چئلينج نه هو، هن پنهنجو سياسي طبقو پيدا ڪيو، آمريڪا ۾ نائين اليون هن جي اقتدار کي طاقت بخشڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هو آمريڪا جو ڊارلنگ بڻجي ويو.
مشرف کانپوءِ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سياسي اقتدار ۾ پنهنجي ڪردار جي باري ۾ نئين منصوبي تي ڪم ڪيو، جنرل ڪياني ان منصوبي تي ڪم شروع ڪرايو، ۽ آهستي آهستي ملڪ جي سمورن ادارن کي پنهنجي ماتحت آڻڻ لاءِ ڪاميابي سان اڳڀرائي ٿيندي رهي. عمران خان جي حڪومت ان منصوبي جو ثمر آهي، جيڪو سياسي حڪومت جو سربراھه هجڻ جي صورت ۾ هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي سياسي مداخلت جو سڀ کان وڏو حامي آهي، ميڊيا جي آزادي جيڪا مشرف دور ۾ هئي، ان جو هاڻي رڳو تصور ڪري سگهجي ٿو، ها اهو ضرور ٿيو آهي ته دنيا جيئن پنهنجي روايت تحت جدت ڏانهن روان دوان آهي، ان تحت اظهار جي آزادي جا ٽولز تبديل ٿي ويا آهن، اخبارن ۽ ٽي وي چينلز تي چيڪ هجڻ جي برعڪس  سوشل ميڊيا عوام کي اهڙي هٿيار طور هٿ اچي وئي آهي جنهن کي عوام ڪاميابي سان استعمال ڪري رهيو آهي پر ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ به پنهنجا حامي وڏي تعداد ۾ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ نه ٺهندڙ سياسي ڌرين کي ڪرپشن جي بنيادن تي سوگهو ڪري ڇڏيو آهي، ته ٻئي طرف اڳوڻيون پاپولر سياسي ڌريون اقتدار هيٺين سطح تي منقتل ڪرڻ کان انڪاري رهيون رهيون آهن، نتيجي ۾ ملڪ اندر عام ماڻهو جي زندگي ۾ پريشانيون وڌي ويون، نتيجي ۾ اسٽيبلشمينٽ  عمران خان کي پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ هڪ ڪامياب پروڊڪٽ طور اقتدار ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
گذريل ٻن سالن دوران هن پروڊڪٽ مان جيڪا اميد ڪئي پئي وئي ته هو عوام جي سماجي ۽ معاشي زندگي کي بهتر ڪري وٺندو اها اميد مايوسي ۾ تبديل ٿي وئي آهي عام ماڻهو جون معاشي حالتون وڌيڪ بدتر ٿي ويون آهن،
جنهن اسٽيبلشمينٽ نواز شريف کي 21 سال اڳ اقتدار مان تڙي جيل موڪليو هو، اڄ اهو ئي نواز شريف ان اسٽيبلشمينٽ کي للڪاري رهيو آهي، ان للڪار جي عمر ڪيتري آهي؟ ان باري ۾ نواز شريف جي ماضي جو ٽريڪ رڪارڊ ڏسي ته اميد نٿي جاڳي ته هو جهيڙي ۾ بيٺو رهندو، پر اها به اميد ته ڪري سگهجي ٿي ته ضرور ناهي ته انسان هميشه هڪ جهڙو ئي رهي!
 پنجاب مان پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ کي نواز شريف ئي للڪاري سگهي ٿو، باقين ته سڄي ڄمار مار کاڌي آهي، جيڪڏهن هن دفعي پنجاب ۾ جاڳ پنجابي جاڳ جو نعرو لڳي ٿو ته ان کي پنجابي قوم پرستي سان ڳنڍڻ بدران ٻئي زاوئي ۾ ڏسڻ گهرجي. پر جيڪڏهن قوم پرستي جي صورت به آهي ته به يا بسم الله !!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *