تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

2020ع لاءِ ادب جو نوبل انعام

2020ع دوران جنهن نموني مختلف شعبن ۾ نوبل پرائز ڏيڻ جو عمل شروع ٿيو ته شروعاتي ٻن شعبن طب ۽ فزڪس ۾ ٽن ٽن ڄڻن ۽ 7 آڪٽوبر تي ڪيمسٽري ۾ ٻن ڄڻن کي نوبل ايوارڊ سان نوازيو ويو. ان لاڙي مان اهو اندازو لڳايو ٿي ويو ته 8 آڪٽوبر تي به 2019ع جيان ادب جو نوبل پرائز ٻن ليکڪن يا ليکڪائن کي ملندو يا ٽي ڄڻا به ٿي سگهن ٿا. پر جڏهن اهو اعلان ڪيو ويو ته آمريڪي شاعرا لوئي گلڪ کي ان اعزاز جو حقدار قرار ڏنو ويو. ٻارنهن شاعري جي مجموعن جي تخليقڪار لوئي گلڪ آمريڪا ۽ دنيا جي ڪجهه ٻين حصن ۾ ته مقبول هئي پر سندس عالمي سطح جي ڪا سڃاڻپ ناهي. آمريڪا جا ٻه وڏا ايوارڊ نيشنل بوڪ ايوارڊ ۽ پلزر به ماڻي چڪي آهي پر کيس ادبي دنيا ۾ نوبل پرائز ملڻ تي حيراني ٿي آهي. ايئن جيئن 2016ع ۾ آمريڪي نغمه نگار ۽ ڳائڻي باب ڊلن کي ادب جو نوبل پرائيز ملڻ تي ٿيو هو. نوبل پرائز جي تاريخ ۾ 1901ع کان پوءِ 1930ع تائين رڳو 1913ع ۾ ٽيگور کي ٻاهر جي دنيا مان اهو اعزاز مليو نه ته شروعاتي ٽي ڏهاڪا يورپ جي ئي ليکڪن کي ادب جو نوبل پرائيز مليو، پر 1930ع ۾ آمريڪي ناول نگار سنڪليئر لوئس کي مليو هو. بعد ۾ 1936ع ڌاري ڊرامانگار يوجين او نيل کي اهو ايوارڊ مليو. جڏهن ته هڪ سال ڇڏي ٻئي سال 1938ع ۾ پرل ايس بڪ پهرين آمريڪي فڪشن نگار خاتون هئي جنهن کي اهو ايورڊ ڏنو ويو. 1949ع ۽ 1954ع ۾ دبنگ آمريڪي ناول نگارن ۽ ڪهاڻيڪارن وليم فاڪنر ۽ ارنيسٽ هيمنگوي کي اهو ايوراڊ مليو. 1962ع ۽ 1976ع ۾ به آمريڪا جي مشهور ناول نگارن جان اسٽين بيڪ ۽ سال بيلو ادب جي ميدان ۾ اهو انعام ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ان بعد ازاڪ باشويڪ سنگر کي به 1978ع ۾ اهو اعزاز مليو پر هن جي شهريت رڳو آمريڪي نه هئي. ليٿونيا ۾ جنم وٺندڙ ۽ بعد ۾ آمريڪي شهريت اختيار ڪندڙ سزسلا ملوز پهريون آمريڪي شاعر هو جنهن کي نوبل پرائز مليو. 1987ع ۾ ادب جو نوبل پرائيز ماڻيندڙ به آمريڪي شاعر جوزف براڊسڪي هو جيڪو لينگارڊ رشيا ۾ پيدا ٿيو هو ۽ بعد ۾ آمريڪي شهريت اختيار ڪئي هئائين. 1993ع ۾ ناول نگار ۽ نقاد ٽوني موريسن کي اهو اعزاز مليو. 2016ع ۾ شاعر باب ڊلن بعد 2020ع ۾ لوئي گلڪ کي اهو ايوراڊ مليو ۽ هي اهو اعزاز ماڻيندڙ پهرين آمريڪي خاتون شاعرا واري سڃاڻپ رکندڙ آهي جنهن کي اهو ايوارڊ ڏنو ويو آهي جنهن جو مک سبب اهو ٻڌايو ويو آهي ته سندس شاعري ۾ گهريلو زندگي جا اولڙا ته آهن پر فرد شخصي طرح ڪائنات ۾ ڪيئن موجود رهي ٿو ان کي تمام گهڻي خوبصورتي سان بيان ڪري ٿي. لوئي الزبيٿ ڪلڪ 22 اپريل 1943ع ڌاري آمريڪا جي ثقافتي ۽ معاشي مرڪز واري شهر نيويارڪ ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل هنگري جا آهن. اسڪول جي ڏينهن ۾ هوءَ اهڙي بيمار ٿي جو مرندي مرندي بچي وئي. 2020ع تائين شاعري جي درجن کن مجموعن سان گڏ هن جي سڃاڻپ شاعري بابت مضمون نگار واري به آهي. هن جا مضمون اڪيڊمڪ گهڻا آهن ڇو ته هوءَ پروفيسر پڻ آهي. 77 سالن جي ڄمار ۾ ييلي يونيورسٽي ۾ انگريزي جي پروفيسر آهي. سندس شاعري جو پهريون ڪتاب “فرسٽ بارن” (پهريون جنم) 1968ع ۾ ڇپيو هو. نوبل پرائز جي سوئيڊش اڪيڊمي وارن اعلان مهل سندس شاعري جون خصوصيتون ظاهر ڪندي اهو به چيو ته سندس شاعري ۾ چٽائي آهي. هوءَ ننڍپڻ جي زندگي سان گڏ ڪٽنبي زندگي کي به شاعري ۾ شامل ڪري ٿي. 2019ع واري ادب جي نوبل پرائيز مهل فڪشن نگار هينڊڪي تي شديد تنقيد ٿي هئي ڇو ته مٿس نسل پرستي سان گڏ ٻيا الزام به هئا. لوئي کي مليل ايوارڊ تي ڪو شديد ردعمل ته ناهي آيو پر حيرانگي جو اظهار ضرور ڪيو ويو آهي. هن جي شاعري ۾ گهريلو زندگي جا اولڙا ججها آهن جيئن سندس هي نظم آهي:
The Red Poppy
The great thing
is not having
a mind. Feelings:
oh, I have those; they
govern me. I have
a lord in heaven
called the sun, and open
for him, showing him
the fire of my own heart, fire
like his presence.
What could such glory be
if not a heart? Oh my brothers and sisters,
were you like me once, long ago,
before you were human? Did you
permit yourselves
to open once, who would never
open again? Because in truth
I am speaking now
the way you do. I speak
because I am shattered.
دماغ هجڻ وڏي شئي ناهي.
احساس:
ها اهي مون وٽ آهن،
اهي مون تي راڄ ڪن ٿا. مون وٽ
جنت ۾ هڪ مالڪ آهي،
جنهن کي سج سڏبو آهي،
جيڪو هن لاءِ اڀرندو آهي ۽ کيس
منهنجي دل جي باهه ڏيکاريندو آهي،
باهه سندس موجودگي جهڙي.
ان کان وڌ عظمت ڪهڙي هجي ها
جيڪڏهن دل ئي نه هجي ها؟
او منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو،
گهڻو وقت اڳ جڏهن توهان انسان هئا،
ڇا توهان ڪڏهن مون کي هڪ ڀيرو به پسند ڪيو؟
توهان ڪڏهن اها پاڻ کي اجازت ڏني،
هاڻ ٻيهر اهو ڪير ڪندو ۽ ڪيئن ٿيندو؟
سچ ته هاڻي ساڳي ريت ڳالهايان ٿي جيئن توهان ڳالهايو هو.
مان ان ڪري ايئن ڳالهايان پئي
جو هاڻ مان وکري وئي آهيان.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *