تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

30 سالن کان هلندڙ جدوجهد ڪڏهن رنگ لائيندي !؟

ڏٺو وڃي ته عوام کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ هر رياست جي اهم ذميواري هجي ٿي ، پر هتي ابتو ئي چرخو هلي پيو حڪومت ۾ ويٺل حڪمران عوام جي خدمت ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ڄنڊا پٽ ۽ ڄنگهون ڇڪڻ ۾ پورا آهن. ٻاهرين ملڪن ۾ پهريائين رياست پاران عوام کي گهربل سموريون سهولتون ميسر هجن ٿيون پر جيڪڏھن ڪا سهولت نه هجي ته پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڪو ماڻهو احتجاج ڪندو آھي ته اتان جي رياست هڪدم حرڪت ۾ اچي ويندي آھي ۽ هنگامي بنيادن تي احتجاج ڪندڙ ماڻھن جي مطالبن تي غور ويچار ڪري اهي مطالبا مڃيا ويندا آهن پر افسوس هتي ٻين ملڪن جي حڪومتن جي ڀيٽ ۾ صورتحال بلڪل ابتڙ آھي. هڪ اهڙو ئي مثال صوبي سنڌ جي ضلعي نوشهرو فيروز جي قديمي شهر پڊعيدن جي عوام جو آھي جيڪي ٽيھه سالن کان مسلسل شھر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ جي جدوجهد ۾ رڌل آھن پر پڊعيدن جي رهواسين کي ڪو به لاڀ حاصل نه ٿيو آھي.
ليکڪ بابو زاهد سومرو جي لکيل ڪتاب موجب پڊعيدن 1853ع کان به اڳ وجود ۾ آيو آھي پر اڄ تائين پڊعيدن شھر کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي پڊعيدن چاليھه ھزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شھر ضلعي نوشھروفيروز جو قديمي ۽ اهم شھر آھي جنهن ۾ سنڌ جو چوٿون وڏو جنڪشن ۽ ريلوي پليٽ فام، جنگي ايئر بيس ، ايريگيشن سب ڊويزن، واپڊا سب ڊويزن، موٽر وي انٽر چينج، مهراڻ ھاءِ وي لنڪ،ڏھه وارڊن تي مشتمل ٽائون ڪاميٽي سميت ٻيون ڪيتريون ئي شيون آھن پر تنهن هوندي به سياسي اثر رسوخ جي ڪري سدائين نظر انداز ڪيو ويو آھي. ٽيھه سال گذرڻ تائين جدوجهد جو حصو بڻيل ڪيترائي ماڻھو ان خواب کي پاڻ سان پنهنجين قبرن ۾ کڻي ويا ته وري ڪيترائي نوجوان ان جدوجهد ۾ شامل ٿيا آھن.
ھاڻي پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ آل پارٽيز پاران تعلقا ايڪشن ڪاميٽي ٺاهي وئي آھي جنهن ۾ سمورين پارٽين جي اڳواڻن ۽ شھرين پاران درگاهه پير جمن شاهه جي گادي نشين پير رڪن الدين هاشمي قريشي کي تعلقا ايڪشن ڪاميٽي جو چيئرمين ڪيو ويو آھي ۽ ھاڻ سمورا ماڻھو ان جي اڳواڻي ۾ هڪ مهيني کان وڌيڪ جي عرصي کان مسلسل مرحليوار هزارين ماڻھن جون پڊعيدن کان نوشھروفيروز پريس ڪلب تائين احتجاجي ريليون ، ٽن ڏينهن جي بک هڙتال، شٽربند هڙتالون ڪري سنڌ حڪومت اڳيان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي پنهنجو مطالبو رکيو آھي پر ڏکوئيندڙ ڳالھه اها آھي ته ايتري وقت کان هلندڙ جدوجهدن، ريلين، احتجاجن ، بک هڙتالن سميت شٽربند هڙتالون ڪن لاٽار ڪندڙ سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن کي نظر نه ٿيون اچن جيڪڏھن انهن چونڊيل نمائندن کي اهي سڀ ڳالهيون نظر اچن ها ته ايترن احتجاجن کان پوءِ ڪو به حڪومتي ڌر سان تعلق رکندڙ ڪامورو سندن وٽ لڙي اچي ها يا ڪو رابطو ڪري ها. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هي شھر ضلعي جي حيثيت رکندڙ شھر آھي
جنهن کي اڃان تائين تعلقي جو درجو به نه ڏنو ويو آھي جيڪو هتان جي عوام سان سراسر ناانصافي آھي 1990ع ۾ پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو پر پڊعيدن کي وري به سياسي ڳٺجوڙ موجب نظر انداز ڪيو ويو ۽ هڪ ننڍڙي اسٽاپ جهڙي شھر ڀريا سٽي کي تعلقي جو درجو ڏئي پڊعيدن جي عوام سان دوکو ڪيو ويو وري هاڻي جڏھن نئين تڪ بندي ڪئي ٿي وڃي ته به امڪاني طور پڊعيدن کي نظرانداز ڪري مٺياڻي ۽ ٺاروشاهه کي تعلقو بڻائڻ تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي پر هاڻي هن تڪ تان ووٽ کڻندڙ پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن ۽ حڪومت سنڌ کي گهرجي ته ڪن لاٽار ڇڏي پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل پڊعيدن واسين جي مطالبي تي غور ڪري قديمي شھر پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏئي رهواسين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *