تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

6 ڌاڙيل مارجڻ جي حقيقت ۽ پوليس جون دعوائون

هونئن ته مبينا پوليس مقابلن ۽ ماڻهو کنڀي بعد ۾ مقابلو ڏيکاري هاف فراءِ يا فل فراءِ ڪرڻ جي واقعن سان تاريخ ڀري پئي آهي جنهن ۾ پوليس پاران مختلف وقتن تي مقابلن ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي مارڻ جون دعوائون سامهون اينديون رهيون آهن جن مقابلن تي بعد ۾ آڱريون کڄنديون رهيون آهن ۽ تڪراري به بڻجندا رهيا آهن. ڪالهوڪي پوليس مقابلي جنهن ۾ هڪ ئي ڌڪ ۾ 6 ڌاڙيلن کي مارڻ واري دعويٰ کانپوءِ ان واقعي جا پڻ ڪجهه اهڙا ئي تڪراري رخ سامهون ايندا رهيا، جنهن ۾ پوليس جي ڌار ڌار موقفن ۽ دعوائن پاڻ ئي قصي کي منجهائي ڇڏيو. ڪچي واري علائقي ۾ فائرنگ ۽ مقابلن جا اطلاع صبح سوير کان ئي مختلف ذريعن کان ملندا رهيا. منجهند ڌاري لاڙڪاڻو پوليس پاران دعويٰ سامهون آئي ته ڪچي جي علائقي ۾ مقابلي جي نتيجي ۾ 7 کان 8 ڌاڙيل مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا  آهن، جڏهن ته ڪوبه پوليس جو نقصان نه ٿيو آهي. ٿوري دير کانپوءِ ايس ايس پي مسعود بنگش جو موقف سامهون آيو ته لاڙڪاڻي پوليس جي سربراهي ۾ خيرپور ۽ لاڙڪاڻو جي دنگ تي مقابلو ٿيو  آهي جنهن ۾ خيرپور پوليس جو به سهڪار آهي. مقابلي ۾ 6 ڌاڙيل مارجي ويا آهن. اهڙي موقف کانپوءِ خيرپور پوليس جي ايس پي ۽ ترجمان پاران ڌار دعويٰ ڪئي وئي ته مقابلو خيرپور پوليس ڪيو  آهي جنهن ۾ 6 ڌاڙيل مارجي ويا آهن. شروعاتي طور مليل اطلاعن ۾ معلوم ٿيو ته خيرپور ضلعي جي ڪنگري تعلقي جي ڪچي واري علائقي عبدالرحمان اُنڙ ۽ برادي جتوئي ٿاڻن جي حدن ۾ سنڌو درياءَ جي ڪناري ڪيٽي زمان شاهه ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 6 هٿياربند ڌاڙيل مارجي ويا،
ڪيٽي ممتاز ڀٽو پڻ ان ڪيٽي جي ويجهو آهي جنهنڪري ٻنهي ضلعن جون حدون ملندڙ آهن جتي ٻوڏ جو پاڻي اچڻ ڪري درياءَ پائيندو آهي ۽ حدون مختلف ٿينديون رهنديون آهن. مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ بدنام ڌاڙيل پٺاڻ عرف پٺو ناريجو، اقبال عرف اڪو ناريجو، غلام عباس عرف عباسو ناريجو، زاهد ناريجو، مولابخش ڪلهوڙو ۽ ملهڻ شيخ طور ٿي. ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي دعويٰ ڪئي ته عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙيلن جي موجودگيءَ جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهتي ته مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڌاڙيل مارجي ويا. مارجي ويل ڌاڙيلن جي زنده يا مرده گرفتاري تي 10-10 لک رپيا انعام رکيل هو. سندس موقف هو ته مارجي ويل ڌاڙيلن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ جديد هٿيار ۽ گوليون هٿ آيون جن ۾ راڪيٽ لانچرز، ڪلاشنڪوف، جي ٿريز، اينٽي ايئرڪرافٽ مشين سميت سوين گوليون شامل آهن. واقعي کانپوءِ اسين جڏهن واقعي واري هنڌ پهتا سين ته مقابلي واري هنڌ هڪ کڏ ۾ مارجي ويل ڌاڙيلن جا لاش پيل هئا جن جي مٿان هٿيار ۽ بارود پيل هو، ان موقعي تي پوليس جا وڏا اٽالا پهتل هئا، ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي سميت خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جا ايس ايس پيز، ڪيترائي ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز ۽ وڏي انگ ۾ پوليس موبائيلون پهتل هيون. ڊي آءِ جي سکر پوليس فدا حسين مستوئي پاران واقعي واري هنڌ ۽ لاشن جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ لاش پيرڳوٺ اسپتال اماڻيا ويا. ڊي آءِ جي سکر پوليس مقابلي ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن ۽ آفيسرن کي شاباس ڏني. ان موقعي تي سنڌ پوليس زنده آباد جا نعرا پڻ هنيا ويا. ميڊيا ۾ شروعاتي طور لاڙڪاڻو پوليس جو ايس پي مسعود بنگش سامهون آيو ۽ مقابلي جي ليڊ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻو پوليس ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي موجودگي واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي جتي مقابلو ٿيو ۽ 6 ڌاڙيل مارجي ويا، سندس موجب مقابلي ۾ خيرپور پوليس به حصو ورتو آهي جڏهن ته ليڊ لاڙڪاڻو پوليس ڪئي.مختلف وقتن تي خيرپور ۽ لاڙڪاڻو پوليس جي ايس ايس پيز جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿينديون رهيون جن ۾ ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش کي نيري رنگ جو وڳو پهريل هو. اهو پڻ ٻڌائيندو هلان ته 6 ڌاڙيلن جي مارجڻ واري واقعي بابت مختلف تڪراري بيان ۽ چوٻول سامهون آيا. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته ڪنگري تعلقي جي ڪچي واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل 6 ڌاڙيلن جي سلسلي ۾ چوٻول سامهون آيا ته ڌاڙيلن جي گروپن ۾ جهيڙي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 کان وڌيڪ ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ذريعن جي دعويٰ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ مارجي ويل ڌاڙيلن مان هڪ جو لاش سندس ساٿي ڌاڙيل کڻي ويا، جڏهن ته 6 زخمين کي به پنهنجا ساٿي کڻائي ويا آهن. ڌاڙيلن جا لاش علائقي واسين پاران ڏسڻ بعد پوليس کي اطلاع ملڻ تي خيرپور ۽ لاڙڪاڻو ضلعن جي پوليس جا اٽالا پهچندا ويا، جن پاران مقابلن جون دعوائون ڪيون ويون. هوڏانهن اهي به چوٻول ٻڌڻ ۾ آيا ته مختلف برادرين سان ناريجا برادريءَ جي جهيڙي کانپوءِ ڪنهن سازش تحت ناريجا برادري جي هٿياربند ڌاڙيلن کي مارايو ويو آهي جنهن جو ڪريڊٽ پوليس کي ڏنو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سڄي ڪنگري تعلقي سميت سڄي ضلعي ۾ عوامي ڪچهرين توڙي سوشل ميڊيا تي مختلف تڪراري ۽ تضادي بيان سامهون ايندا رهيا ۽ پوليس جو ڪوبه نقصان نه ٿيڻ پڻ مقابلي مٿان سواليا نشان بڻيل رهيو. پوليس جي روايتي انداز تحت هن ڀيري به ڏسڻ ۾ آيو ته ڌاڙيلن جي لاشن کي ڪيترائي ڪلاڪ مقابلي واري هنڌ رکيو ويو ۽ بعد ۾ 6 ئي ڌاڙيلن جا لاش ايمبولينسز نه پر پوليس موبائيلن ۾ هڪ ٻئي جي مٿان سٿي پيرجوڳوٺ تعلقي اسپتال پهچايا ويا. ايمبولينسز نه پهچڻ سبب شام ڌاري پوليس جي ٻن موبائيلن ۾ 6 ئي ڌاڙيلن جا لاش هڪ ٻئي جي مٿان سٿي اسپتال آندا ويا، جن جي لاشن مٿان پوليس اهلڪارن جا پير پڻ پيل رهيا. پيرڳوٺ اسپتال ڌاڙيلن جا لاش پهچڻ کانپوءِ سوين شهري ۽ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پهچي ويا، جن مارجي ويل ڌاڙيلن جو آخري انجام ڏٺو. پوليس جي وڏن اٽالن جي موجودگي ۾ مارجي ويل ڌاڙيلن جا لاش اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ پهچايا ويا. خيرپور پوليس پاران عبدالرحمان انڙ ٿاڻي تي مقابلي جو ڪيس داخل ڪرڻ جون تياريون ڪيون پئي ويون. هڪ طرف سنڌ پوليس جي سربراهه يعني آءِ جي سنڌ سان تازو پيش آيل واقعي کانپوءِ پوليس جي هيءَ وڏي ڪاميابي سامهون اچڻ تي خيرپور ضلعي ۾ ٿيل مقابلي ۾ 6 ڌاڙيلن کي مارڻ تي شاباسون ڏيندي پوليس لاءِ 50 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي ته ٻئي طرف مقابلي مقابلي واري ڏينهن پوليس پاران حدن جي تڪرار ۽ تضادي بيانن مقابلي تي سواليا نشان پڻ ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته مقابلي کي تڪراري بڻائڻ ۾ پوليس ڪابه ڪسر نه ڇڏي وئي آهي، تنهن هوندي به عوام پاران 6 ڌاڙيل هڪ ئي ڌڪ ۾ مارجڻ تي علائقي ۾ امن جي فضا بحال ٿيڻ جي اميد ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *