تازا ترين
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

Little Boy جي آندل وڏي تباهي

جنگ ڪڏهن به مسئلن جو حل ناهي رهي تاريخ ۾ هميشه وڏين جنگن ۽ فسادن کان پوءِ به گالهيون ئي ٿيون آهن ٻي عالمي جنگ 1939_1945ع ۾ به تقريبن پنج ڪروڙ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. جنگ جا سبب ته ڪافي هئا پر اهم ھٽلر جي ھٺ ڌرمي ۽ معاهدن جو ٽوڙڻ هئا. اها جنگ هئي ته ٻن سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين يورپ ۽ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ پر جاپان ڊسمبر 1941ع ۾ جڏهن يونائٽيڊ اسٽيٽس تي حملو ڪيو ته جنگ عالمي جنگ جو روپ اختيار ڪيو. ان وقت کان وٺي پئسفڪ توڙي ايشيا ۽ اتر آفريڪا ۾ وڏي لڙائي ٿي پئي. ٻي عالمي جنگ پهرين عالمي جنگ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خونخوار ثابت ٿي هئي.
ڪجھه ذڪر حملي هيٺ آيل شهر جو ڪجي ته خبر پئي ٿي ته هيروشيما جاپان جو هڪ مشهور شهر هو، جيڪو اوٽا نديءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ آهي. اوٽا ندي ستن ننڍن شاخن نما واهڙن ۾ ورهائجي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي انهن واهڙن جي وچ ۾ هيروشيما آباد آهي. اهڙيءَ ريت هي شهر ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. هي تقريبن سڌو شھر آهي اهو سمنڊ جي سطح کان تمام ٿوري اوچائي تي واقع آهي. هيروشيما شهر جي اتر اولهه ۽ اتر اوڀر طرف تي ڪجهه پهاڙيون موجود آهن. جيڪي 700 کن فوٽ اوچيون ٿينديون. شهر جي اُڀرندي ڀاڱي ۾ هڪڙي ٽڪري اڌ ميل کن ڊگهي ۽ 221 فوٽ بلند آهي. هيروشيما جو سمورو شهر ايٽم بم جي مڪمل نشاني ۾ آيو ھيو انهيءَ وقت شهر جي 26 چورس ميلن جي ڪُل ايراضيءَ مان فقط 7 چورس ميلن جي علائقي ۾ تعميراتي ڪم مڪمل ٿيل هو. جنهن ۾ تجارت، رهائش توڙي صنعت لاءِ مخصوص ڀاڱا هئا. ڪارخانا توڙي ورڪشاپ رهائشي توڙي تجارتي علائقي جي وچ ۾ ئي قائم ٿيل هئا جنهن سبب اهي مڪمل تباھ ٿي چڪا هئا. شهر جي ڪُل آدمشماريءَ جو 75سيڪڙو، شهر جي انهيءَ مرڪزي علائقي ۾ آباد هو. انهيءَ وقت شهر کي فوجي اهميت پڻ حاصل هئي. جتي جاپاني فوج جو ٻيو نمبر هيڊ ڪوارٽر موجود هو. سموري ڏکڻ جاپان جي ڊفينس ڪمانڊ انهيءَ هيڊ ڪوارٽر جي هٿ ۾ هئي. شهر ۾ ملڪي سطح جا گودام ۽ مواصلاتي نظام جو مرڪز پڻ قائم هو. جاپاني حڪومت جي هڪڙي رپورٽ ۾ درج هو ته ”ٻي عالمي جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي هيروشيما جي ماڻهن، شايد هزار کان به وڌيڪ ڀيرا جاپاني فوجين کي Banzai جي نعرن سان بندر تان الوداع ڪيو هوندو.“
شهر جي مرڪز ۾ لوهه پٿر ۽ سيمينٽ سان ٺهيل مضبوط عمارتون به موجود هيون، ته انهيءَ سان گڏ ڪاٺ جون اڀريون جايون پڻ جڙيل هيون. شهر جي مرڪز کان ٻاهر رهائشي علائقي جي وچ ۾ ڪيترائي ورڪشاپ قائم هئا، جيڪي ڪاٺ جي جاين ۾ هلي رهئا هئا. پر وڏا ڪارخانا شهر جي ڀرپاسي ۾ قائم هئا. ڪارخانن واريون گهڻيون جايون ڪاٺ جي فريم تي ٺهيل هيون. انهيءَ ڪري سموري شهر کي باهه سبب مڪمل تباهه ٿيڻ جو خطرو هو. انهي وقت آدمشماري ٽي لک اسي هزار هئي، پر خطري جي پيش نظر ڪافي ماڻهن جي لڏي وڃڻ ڪري اها گهڻي گهٽجي وئي. ايٽمي بمباريءَ وقت شهر ۾ 2 ٻه لک 55 هزار ماڻهو موجود هئا۔
شهر تي ايٽم بم Little boy ويھه هزار ٽن ڊائنامائيٽ 6آگسٽ 1945ع تي صبح جو 8 لڳي 15 منٽن تي ڪيرايو ويو، ھن هڪڙي بم تقريبن هڪ لک سٺ ھزار کان مٿي ماڻهن کي ماري يا زخمي ڪري وڌو هو. جپاني حڪومت کي هيروشيما تي ايٽم بم ڪيرائڻ واري حقيقي خبر سڀ کان پهرين آمريڪا طرفان ٿيل ريڊيو رپورٽ وسيلي ملي هئي. جنهن جو اعلان بم ڪيرائڻ کان سورهن ڪلاڪ پوءِ ڪيو ويو۔ هيروشيما دنيا جو پهريون شهر هو، جتي ايٽم بم ڪيرائي دنيا ۾ خوف پکيڙو ويو. هن ڀيانڪ واقعي جي منصوبي تي اهڙي طرح عمل ڪيو ويو، جو ايندڙ وقت ۾ آمريڪا دنيا ۾ پنهجي منفرد طاقت سان اڪيلو پاورفل ملڪ ٿي بيٺو .

هن شهر جي تباهي کانپوءِ دنيا کي ايٽمي تباهي جو اندازو ٿيو ۽ جاپان ته جنگ کان ئي پاسو ڪري ويو. هاڻ وري هي شهر آباد ٿي رهيو آهي پر اڳيون اوج نه ملي سگهيو آهي. ان لٽل بواءِ جي آندل وڏي تباهي دنيا لاءِ سبق آهي ته ايٽم بم جنگ ڪرڻ لاءِ ناهي ان ڪري اهڙن هٿيارن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *