ويجھي کان ويڙهه شروع ٿي وئي هئي، گورنر راڄ لڳائڻو آهي ته لڳائي ڇڏيو، پاڪستان خاطر ڳالهين لاءِ تيار آهيان: علي امين گنڊاپور

آڪٽوبر 7, 2024

پشاور (م ڊ) خيرپختونخوا جو وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور 24 ڪلاڪ گم رهڻ کان پوءِ اوچتو خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ پهچي ويو. ان ڏس ۾ ڪالهه خيبرپختونخوا جي صوبائي اسيمبلي جو اجلاس جاري هو ته ڪي پي جو وزيراعليٰ اوچتو اسيمبلي ۾ پهچي ويو. اسيمبلي ۾ پهچڻ تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن علي امين گنڊاپور جو نعرن سان آڌرڀاءُ ڪيو. اسيمبلي ۾ پهچندي ئي علي امين گنڊاپور خطاب ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور حڪومت کي ڳالهين جي آڇ سان گڏ ڌمڪيون به ڏيندو رهيو. هن چيو ته پاڪستان خاطر ڳالهين لاءِ تيار آهيان، پر هنن اسان جي بي عزتي ڪئي آهي، پنهنجي بي عزتي جو بدلو وٺنداسين. علي امين گنڊاپور وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي پي ٽي آءِ باني سان گڏ بيٺا آهن. پي ٽي آءِ باني قوم جي جنگ وڙهي رهيو آهي. مون کي پنهنجي هائوس تي فخر آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ گڏ ٿيا آهن۽ اسان تي حملو ڪيو ويو. اسان کان نشان کسيو ويو اسان کي اليڪشن وڙهڻ نه ڏني وئي. باقاعدي پلاننگ سان اسان مٿان حملو ڪيو ويو. اسان کي جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي سوا چار ڪروڙ ووٽ مليا هئا. اسان جي ماڻهن کي ٽوڙيو نه وڃي ها ته ڪي پي اسيمبلي ۾ هڪ به مال ڌر اڳواڻ نه هجي ها. اسان کان ٻه ڀاڱي ٽي واري اڪٿريت واري حڪومت کسي وئي.  سندس چوڻ هو ته اسان جي حڪومت ۾ فضل الرحمان۽ بلاول ڀٽو زرداري جلسا ڪيا. اسان انهن کي ڪٿي به نه روڪيو. اسان انهن کي مينارِ پاڪستان ۾ جلسي جي اجازت ڏني پر هنن وري اسان کي مال پڙي جي اجازت ڏني. ڇا اسين جانور آهيون؟ اسان کي ملڪ ۾ جلسا ڪرڻ جي اجازت ڇو نٿي ڏني وڃي. هنن کي ڇا جو خوف آهي، ڇو گھٻرايل آهن؟ هن چيو ته ڊي چوڪ پهچڻ جو چيو هو، اسين ڊي چوڪ تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. اسان جي ريلي تي هزارين شيل وسايا ويا پر پوءِ به اسلام آباد پهچي ڏيکاريو.  هڪ هڪ ڪلوميٽر تي ڪنٽينر بيهاريا ويا. کڏا کوٽيا ويا. اسان کي ست جاين تي روڪيو ويو. پر اسان وقت تي پهچي ويا هئاسين، چيڪ ڪري ڏسو. هن چيو ته ڪي پي هائوس خيبرپختونخوا جي ملڪيت آهي، آءِ جي اسلام آباد ڪنٽينر لڳائي رينجرز بيهاري ڇڏي. اتي پٺاڻن جي بي عزتي ڪئي وئي آهي.  هنن سوچيو پئي ته اسان نه وڃي سگهنداسين. اسان پهچي ڏيکاريو. هن چيو ته ويجھي کان ويڙهه شروع ٿي چڪي هئي اسان سوچيو الله نه ڪري ڪو نقصان نه ٿي پوي. جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪرڻو هو ته آءِ جي مون کي ٻڌايو؟ مون تي ڪهڙي ايف آءِ آر آهي، مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو.  آءِ جي صاحب مون کي گرفتار ڪرڻو آهي ته آئون هي بيٺو آهيان تنهنجو پيءُ! هن چيو ته هي منهنجي گاڏي کڻي ويا، اسڪواڊ جون گاڏيون ڀڃي ڇڏيون، منهنجي رابطي جا سامان کڻي ويا. منهنجا گارڊ کڻي ويا انهن کي ماريو به ويو. هي گار ڏئي چوي ٿو ته سي ايم ڪٿي آهي، هن جي گار ڏيڻ جي جرئت ڪيئن ٿي؟ هنن جي همت ڪيئن ٿي ڪي پي حڪومت ۾ هٿ وجھڻ جي. علي امين گنڊاپور چيو ته آءِ جي ٻڌي وٺي ته ڪالهه رات اتي ئي هئس. اسين پنهنجي بي عزتي جو بدلو وٺنداسين. سڄا ثبوت موجود آهن ته سرڪاري گاڏيون ٽوڙيون ويون.  هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سهي چيو ته اسين غلامي کي قبول نه ڪنداسين. جنهن به ڪي پي هائوس  ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي، اهو معافي وٺي. علي امين گنڊاپور وڌيڪ چيو ته آءِ جي اسلام آباد ڪي پي جي ٽيڪس تي غنڊو بڻجي ويٺو آهي. ڪي پي ايوان ۾ اچي معافي وٺي. نه ته اسين ڪيس داخل ڪرائينداسين ۽ بدلو وٺنداسين. هن چيو ته جيڪو لوٽو بڻيو اهو 9 مئي جي ڪيس ۾ ناهي. پي ٽي آءِ ڇڏيندڙن پٺاڻن جي بي عزتي ڪئي آهي. وزيراعليٰ ڪي پي جو وڌيڪ چوڻهو ته هي چون ٿا ته گورنر راڄ لڳائينداسين، غيرت آهي ته گورنر راڄ لڳائي ڏيکاريو. گورنر راڄ جو تجربو به ڪري وٺو، ڌمڪين کان نٿو ڊڄان. نااهل ڪرڻو آهي ڪري ڇڏيو، وري اچي ويندس.  هن چيو ته آئون ڪي پي هائوس ۾ هئس، هنن چار ڀيرا ڇاپو هنيو پر انهن کي نه مليس. اها آهي آءِ جي جي ڪارڪردگي؟ هن چيو ته هي هڪڙي ماڻهوءَ جي ڪري قانون سازي ڪري رهيا آهن، هنن کي 25 ڪروڙ عوام جي پرواهه ناهي. هڪڙي ماڻهو جي خاطر 25 ڪروڙ عوام جي خلاف وڃي رهيا آهن.  هي قانون سازي ڪري رهيا آهن ته لوٽا ڪريسي جائز آهي.  هن چيو ته هي جنگ توهان شروع ڪئي آهي، ختم اسين ڪري ڏيکارينداسين. آئون اڪيلو علي امين ناهيا پر هن سڄي صوبي جي عوام جو مينڊيٽ آهيان.  هن چيو ته آئون پاڪستان جي خاطر ڳالهين لاءِ تيار آهيان. آئون ٽي ڏينهن انتظار ڪندس. ٻڌايو ڇا هن اڪيلي ماڻهو پاڪستان کي ڪو فائدو ڏنو آهي؟  علي امين گنڊاپور جو وڌيڪ چو ڻ هو ته آئون بيغيرت ناهيان، ڪنهن جي گھر تي ڇاپو هڻي ان جي ڀيڻ جي بي عزتي نٿو ڪريان. مريم نواز ٻڌي ڇڏي  ته ڇا پاڪستان ۾ صرف هڪڙي عورت مريم ئي رهجي وئي آهي؟ هن چيو ته آئون ٽن ماڻهن سان گڏ ڪي پي هائوس مان نڪتس ۽ هتي اسيمبلي ۾ پهتو آهيان. آءِ جي جي ڪري مون کي اڪيلي 12 ضلعا ڪراس ڪرڻا پيا.  هن چيو ته ڪرسي جي ڪا لالچ ناهي، انسان ڪرسي ٺاهيندو آهي ڪرسي انسان کي ناهي ٺاهيندي.  مري وينداسين پر غلامي قبول نه ڪنداسين.

Leave A Comment