اسعد محمود جي تڪ جي 9 پولنگس تي فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو
فيبروري 17, 2024
مولانا فضل الرحمان جي پٽ اسعد محمود جي تڪ اين اي 43 ٽانڪ جي 9 پولنگس تي ٻيهر ووٽنگ ڪرائڻ لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو، گهرو وزارت وفاقي ڪابينا کان سرڪيوليشن ذريعي فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري وٺي ڇڏي، غير سرڪاري نتيجن موجب اين اي 43 تان پي ٽي آءِ جو حمايت يافته اميدوار داور خان ڪنڊي 63 هزار 556 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جي يو آءِ جو اسعد محمود 62 هزار 730 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو، هن تڪ تي نواز ليگ ۽ اي اين پي جا اميدوار اسعد محمود جي حمايت ۾ هٿ کڻي ويا هئا