اصغر شاهه سميت 6 ڄڻن خلاف حملي ۽ حويلي تي قبضي جو ڪيس داخل

مَي 14, 2024

ٺارو شاهه ٿاڻي تي نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير سيد اصغر علي شاهه سميت 6 ڄڻن خلاف حملي ۽ حويلي تي قبضي جو ڪيس داخل، ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي، اڳوڻي مملڪتي وزير اصغر شاهه جي ڀاءُ ابراهيم شاهه جي ملازم غلام عباس سيال جي فرياد تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ سيد اصغر شاهه ۽ سندس ملازم نامزد، فريادي جو چوڻ آهي ته ابراهيم شاهه جي چوڻ تي درٻيلو جي بنگلي ۾ قائم حويلي تي مرمتي ڪم ڪرائي رهيو هيس ته اصغر شاهه ملازمن سان گڏ حملو ڪيو، جوابدار ڌمڪيون ڏيندي روانا ٿي ويا، اڳوڻي مملڪتي وزير اصغر شاهه جو چوڻ آهي ته ننڍو ڀاءُ ابراهيم شاهه حويلي تي قبضو ڪرڻ لاءِ ملازمن سان گڏ پهتو، کيس اڏاوتي ڪم ڪرائڻ کان روڪيو ته هن ملازمن ذريعي منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي، منهنجو ڀاءُ سياسي مخالفن جي چرچ تي منهنجي ساک کي ڌڪ رسائي رهيو آهي، ڪوڙي ڪيس کي عدالت ۾ منهن ڏيندس

Leave A Comment