ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي ٻوڏ متاثرن جو فڪر: پاڪستان لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري

جُولاءِ 27, 2024

منيلا (م ڊ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ چاليهه ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي. رقم پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي گهرن، انفراسٽڪچر جي اڏاوت تي خرچ ٿيندي، منصوبي تحت سنڌ ۾ صحت جون بنيادي سهولتون بحال ڪيون وينديون. ايشيا ترقياتي بئنڪ موجب، 2022ع ۾ ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ ٽي ڪروڙ ٽيهه لک کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿي، 21 لک گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ٻه سال گذري وڃڻ باوجود ٻوڏ متاثر عارضي گهرن يا شيلٽرز ۾ رهڻ تي مجبور آهن

Leave A Comment