صدارتي چونڊن ۾ آصف زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي وچ ۾ دوبدو مقابلو، اليڪشن ڪميشن پاران حتمي لسٽ جاري
مارچ 5, 2024
صدارتي چونڊن ۾ آصف زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي وچ ۾ دوبدو مقابلو، اليڪشن ڪميشن ٻنهي اميدوارن جي نالن جي حتمي لسٽ جاري ڪري ڇڏي، صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ 9 مارچ تي پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندي، بلوچستان عوامي پارٽي به آصف زرداري کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، حڪومتي مذاڪراتي ٽيم چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي، صادق سنجراڻي کي آصف زرداري جي حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ جي درخواست، مذاڪراتي ٽيم ۾ خورشيد شاهه، نويد قمر، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، اسحاق ڊار، اعظم نذير تارڙ ۽ ٻيا شامل، ايم ڪيو ايم پاران آصف زرداري جي حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ بابت اڄ فيصلو ڪيو ويندو، مذاڪراتي ٽيم ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات ڪري ووٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي، متحده قيادت مشاورت لاءِ اڄ تائين مهلت گهري هئي، حڪومتي مذاڪراتي ٽيم اڄ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان به ملاقات ڪندي، قاف ليگ ۽ آءِ پي پي آصف زرداري جي حمايت جي خاطري ڪرائي چڪيون آهن