آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ توشه خانه گاڏين واري ريفرنس جي ٻڌڻي

مَي 7, 2024

صدر آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ توشه خانه گاڏين واري ريفرنس جي ٻڌڻي، نواز شريف پاران ريفرنس مان بريت جي درخواست داخل ڪرائي وئي، ٻڌڻي هلائيندڙ جج ناصر جاويد رانا چيو ته بريت جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيون ٿا، عدالت نواز شريف جي بريت واري درخواست تي دليل طلب ڪري ورتا، ڌرين کي 23 مئي لاءِ نوٽيس جاري، صدر آصف زرداري جي وڪيل ارشد تبريز چيو ته آصف علي زرداري کي صدارتي استثنيٰ حاصل آهي، صدر جي حد تائين ڪيس نه ٿو هلي سگهي، نيب پراسيڪيوٽر چيو ته صدارتي استثنيٰ بابت درخواست ملي آهي ان جو جائزو وٺي رهيا آهيون، عدالت يوسف رضا گيلاني جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، ٻڌڻي 3 جون تائين ملتوي

Leave A Comment