اسد طور خلاف ڪارروائي: ايف آءِ اي اسان جي ڪلهي تي رکي بندوق هلائي: چيف جسٽس
مارچ 11, 2024
اسان جو نالو استعمال ڪري اسد طور خلاف نه لڳڻ جهڙيون شقون لڳايون ويون، ڇا اسان مان ڪنهن جج يا رجسٽرار شڪايت ڪئي آهي؟ ايف آءِ اي اسان جي ڪلهي تي رکي بندوق هلائي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا صحافين کي هيسائڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس، چيف جسٽس پاران آءِ جي اسلام آباد ۽ ايف آءِ اي جي آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پاران ڪيس جي ٻڌڻي، چيف جسٽس مطيع الله جان جي اغوا ۽ ابصار عالم تي حملي واري معاملي ۾ آءِ جي اسلام آباد جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪئي، چيف جسٽس چيو ته هڪ ڏوهه جي ريڪارڊنگ موجود آهي ۽ آءِ جي انهن جوابدارن جو پتو نه لڳائي سگهيو، اٽارني جنرل صاحب هي ڪهڙي قسم جو آءِ جي آهي؟ هن کي هٽائڻ گهرجي، چيف جسٽس آءِ جي کي مخاطب ٿيندي چيو ته چار سال ٿي ويا آهن، اڃا توهان کي ڪيترو وقت کپي، ڇا توهان کي 4 صديون گهرجن؟ ڇا توهان هتي پنهنجو رڳو منهن ڏيکارڻ آيا آهيو؟ ڪنهن صحافي کي گولي هنئي وڃي ٿي ۽ ڪنهن جي گهر ۾ گهڙي مارڪٽ ڪئي وڃي ٿي، پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ پاران پيش ٿيل بئرسٽر صلاح الدين چيو ته اسد طور جيل ۾ آهي، هن تي حڪومتي آفيسرن جو وقار مجروح ڪرڻ جا الزام آهن، چيف جسٽس ايف آءِ اي آفيسر تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته ڇا اسان مان ڪنهن جج يا رجسٽرار شڪايت ڪئي آهي؟ توهان رڳو اسان جي ڪلهي تي رکي بندوق هلائي رهيا آهيو، ايف آءِ اي آفيسر چيو ته توهان طرفان ڪا به شڪايت نه آئي آهي، چيف جسٽس ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم ونگ جي ڊي جي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان پڇيو ته اسد طور تي حملو ڪنهن ڪيو، ان جي رپورٽ ڏيو، توهان اسد طور جي خلاف ئي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، توهان اها مهرباني اسان تي ڇو ڪئي جو اسان جو نالو استعمال ڪري ايف آءِ آر درج ڪرائي ڇڏي، ڇا ساڳي ايف آءِ آر ايف آءِ اي جي ان اهلڪار خلاف داخل ڪرايون جنهن اسان کي بدنام ڪيو؟