پرڏيهي ملڪن ۾ پناهه وٺندڙن کي پاسپورٽ جاري نه ڪيا ويندا

جُون 11, 2024

اسلام آباد: ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ اينڊ اميگريشن ٻاهرين ملڪ پناه وٺندڙن کي پاسپورٽ جاري ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي

ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ اينڊ اميگريشن ان حوالي سان خط جاري ڪري ڇڏيو آهي

خط موجب پرڏيهي ملڪن ۾ پناهه وٺڻ وارن کي پاسپورٽ جاري ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي

خط موجب پرڏيهه ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي پاسپورٽ جاري نه ڪيا ويندا

خط ۾ چيو ويو آهي ته جن پاڪستانين پرڏيهه ۾ پناهه لاءِ درخواست ڏني آهي يا جن اڳ ئي پرڏيهه ۾ پناهه ورتي آهي، انهن کي پاسپورٽ جاري نه ڪيا ويندا

خط موجب اهو قدم قومي سلامتي ۽ عالمي عزم تحت قومي مفاد ۾ کنيو ويو آهي

Leave A Comment