بلوچستان ۾ کاڻين تي حملن ۾ مارجي ويلن جو انگ 21 ٿي ويو، مختلف شهرن ۾ هڙتال، لاش رکي ڌرڻا
آڪٽوبر 12, 2024
ڪوئيٽا / اسلام آباد/شهدادڪوٽ (م ڊ+رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي علائقي دڪي ۾ ڪوئلي جي کاڻين تي هٿياربندن جي حملي ۾ مارجي ويل پورهيتن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو، 7 زخمي ٿي پيا، دهشتگردي واقعي خلاف دڪي ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي جڏهن ته مارجي ويل پورهيتن جا لاش ڪوئيٽا جي باچاخان چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
رات دير سان دڪي جي ضلعي چيئرمين حاجي خير الله جي ڪوئلي جي کاڻين تي هٿياربندن راڪيٽ ۽ دستي بمن سان حملو ڪري فائرنگ ڪئي وئي هئي. حملي ۾ عبدالمالڪ، مولا داد، سيد الله، جلال خان، فضل، روزي خان، نصيب الله، سميع الله، عبدالله، ملنگ، حمد الله، عبدالولي ۽ حيات الله سميت 21 ڄڻا مارجي ويا
مارجي ويلن جو تعلق پشين، قلعه سيف الله، زوب، مسلم باغ، موسيٰ خيل، ڪچلاڪ ۽ افغانستان سان آهي. اطلاع ملڻ بعد پوليس، ايف سي ۽ ٻين واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو. ڪوئلي کاڻ جي مالڪ حاجي خير الله جو چوڻ آهي ته هٿياربندن ڪوئلي جي کاڻن جي ڏهن مشينن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي. پورهيتن جي مارجڻ واري واقعي خلاف دڪي ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي
وارثن ۽ شهرين پاران مارجي ويل پورهيتن جا لاش ڪوئيٽا جي باچاخان چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي دُڪي واقعي ۾ ملوث دهشتگردن خلاف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سرفراز بگٽي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر غريب مزدورن کي نشانو بڻائي ظلم جي انتها ڪئي آهي، مزدورن کي سافٽ ٽارگيٽ سمجهي نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد بزدل آهن، هڪ هڪ پورهيت جي قتل جو دهشتگردن کان بدلو وٺنداسين
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته بي گناهه مزدورن کي قتل ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، المناڪ واقعي ۾ ملوث شرپسند قانون جي پڪڙ کان نه بچي سگهندا، ڏک جي گهڙي ۾ مارجي ويل پورهيتن جي وارثن سان گڏ آهيون
هوڏانهن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مارجي ويل پورهيتن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ سندن گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. واقعي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي