آڊيو ليڪس ۽ 63 اي نظرثاني ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر: جسٽس منيب بينچ کان ٻاهر
سيپٽمبر 24, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ججز ڪاميٽي جي اجلاس ۾ 63 اي نظرثاني درخواستن ۽ آڊيو ليڪس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو. ذريعن مطابق سپريم ڪورٽ ججز ڪاميٽي جي اجلاس ۾ 63 اي نظر ثاني درخواستون 30 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي. ذريعن مطابق بينچ ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل شامل هوندا. ذريعن ٻڌايو آهي ته آڊيو ليڪس ڪيس جي لاءِ به پنج رڪني لارجر بينچ جوڙي وئي آهي. آڊيو ليڪس ڪيس جي بينچ جي سربراهي جسٽس منصور علي شاهه ڪندو. آڊيو ليڪس ڪيس جي بينچ ۾ جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته آڊيو ليڪس ڪيس ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي. جسٽس منيب اختر کي آڊيو ليڪ ڪيس ۾ ان جو ذڪر ٿيڻ تي بينچ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو