About ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو

ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيوجو جنم خيرپور ناثن شاھ جي ڳوٺ ستاڻي چانڊيا ۾ 5 ڊسمبر 1956 تي ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان، ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گوزو ۽ انٽرميڊيئيٽ مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ڪري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي بين الاقوامي لاڳاپن واري شعبي ۾ بي اي آنرز ۽ ايم اي پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪئي. جنهن کانپوءِ هو سنڌ يونيورسٽي جي شاھ عبداللطيف ڪئمپس ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. لطيف ڪئمپس کي يونيورسٽيءَ جو درجو ملڻ کانپوءِ هي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جو پهريون استاد هو جيڪو پي ايچ ڊي ڪيف جي تاراس گريگوريوچ شيفچنڪو يونيورسٽيءَ مان ڪئي. انسٽيٽيوٽ آف اورينٽئل اسٽيڊيز، اڪيڊمي آف يو ايس ايس آر ماسڪو ۾ ريسرچ فيلو پڻ رهيو. سال 2005 ۾ برطانيا جي مانچيسٽر يونيورسٽي مان پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي تحقيق به مڪمل ڪري يونيورسٽي ۾ درس ۽ تدريس جو عمل جاري رکيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو ڳچ حصو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ثانوي ۽ اعلا ثانوي تعليمي بورڊ حيدرآباد جو سيڪريٽري پڻ رهيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو پنهنجي ملازمت پوري ڪري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي عهدي تان رٽائر ٿيو.
Go to Top