About پروفيسر ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
پروفيسر ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو جو تعلق سيوهڻ شريف سان آهي. پاڻ پرائمري کان انٽرميڊيئٽ تائين تعليم سيوهڻ مان ئي حاصل ڪئي. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان B.Sc. ڪئي. 1990ع ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر جي نوڪري ملي. پاڻ 2007ع ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر جي نوڪري تي ڪم ڪندي بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ سنڌ، ڄامشورو طرفان سرڪاري خرچ تي ايم‐فل ليڊنگ ٽو پي‐ايڇ‐ڊي پروگرام هيٺ اقراءَ يونيورسٽي ڪراچي ۾ اسڪالرشپ تي پڙهڻ لاءِ ڪامياب ٿيو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان تعليم جي مضمون ۾ ليڪچرار جو امتحان ٻي پوزيشن ۾ پاس ڪري ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿي ويو. يارنهن سالن جي ڪاليج واري نوڪري کانپوءِ هن کي هاڻي 2021 ۾ تعليم ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ملي آهي ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو جي سموري زندگي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذري آهي. پاڻ محقق جي حيثيت سان تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ست ڪتابن ۽ 10 تحقيقي مقالن جا مصنف آهن، جيڪي قومي توڙي بين الاقوامي ادارن ۽ تحقيقي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن.