About محمد ادريس راجپوت

سنڌ جي نامياري پاڻي ماهر ۽ مختلف فورمن تي سنڌ جو پاڻي ڪيس وڙهندڙ، ڪالاباغ ڊيم خلاف جاڳرتا ڏيندڙ محمد ادريس راجپوت جي جنم ڀومي قمبر آهي ۽ هاڻي هو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. هو آبپاشي کاتي ۾ اهم عهدن تي رهيو. سال 2001ع ۾ رٽائر ٿيو. پنهنجي ڪالمن رستي هو سنڌ جي پاڻي ڪيس بابت جاڳرتا ڏيندو رهي ٿو. “ڪالاباغ ڊيم”، “سنڌوءَ جي سار”، “دريا جي دانهن” سميت سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ سندس 15 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
Go to Top