About مشتاق باگاڻي
مشتاق باگاڻي جو تعلق مورو ضلعو نوشھروفيروز سان آھي. تعليم ايم اي ايل ايل بي ۽ پي ايڇ ڊي (سوشالاجي) آھي. پاڻ شاعر، اديب، ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار آھي. سنڌ جي سمورين وڏين اخبارن ۾ ڪالم لکندو رھيو آھي. اڄ ڪلھ پنھنجي اخبار جو ريگيولر ڪالم نگار آھي. سندس ڪالم "ڳالھيون ڳنوارن جون" جي عنوان سان ڇپجي ٿو. سوشالاجي اينٿراپالاجي جاگرافي ۽ تاريخ سندس خاص موضوع رھيا آھن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ھوجي ٻول ٻريا- شاعري (گولڊ ميڊل مليل) لڙھندڙ ونجھ اٻھريون لھريون- شاعري، ڪاري رات اتر ۾ ڪانڀو- شاعري (شيخ اياز جي مھاڳ سان) ڪھاڻين جو ھڪ ڪتاب ـ ھوجي پھڻ پٻ جا، لاڙ جا ڏينھن لاڙ جون راتيون ۽ مورو شھر ۽ ان جي پس گردائي جي تاريخ (ريسرچ ورڪ) شامل آھن ـ اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ١٠ کان مٿي آھي ـ جن ۾ ننگر ٺٽي جو سماج مطالعو ۽ مشاھدو ـ ٿري سماج ـ منڇر ڪاڇو ۽ ڪوھستان ـ انڊس ڊيلٽا مڪلي ۽ ساموئي جو پڊ ۽ نيٺ ت رات گذرڻي آ ۽ ڪراچي تجھي سلام (اردو) شامل آھن.