About شاهد جتوئي

شاهد جتوئي سينيئر صحافي آهي، هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي (ڪيمسٽري) ۽ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ مان ماس ڪميونيڪيشن (صحافت) ۾ ايم اي ڪئي آهي. هن پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات 1987ع ۾ جنگ اخبار کان ڪئي. هن اخبار جي مختلف شعبن نيوز ڊيسڪ، ميگزين ۽ رپورٽنگ ۾ ڪم ڪيو. هو ڪجهه وقت روزانه “نواءِ وقت” سان پڻ سلهاڙيل رهيو. کيس سياسي ۽ پارلياماني رپورٽنگ جو وسيع تجربو آهي. 2016ع ۾ هو “بول” اردو چئنل سان وابسته ٿي ويو، جتي هن بطور اينڪر پرسن ۽ ڪراچيءَ جي بيوروچيف طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا. شاهد جتوئي هن وقت سنڌ انفارميشن ڪميشن ۾ انفارميشن ڪمشنر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
Go to Top