اوقاف جي چيف ايڊمنسٽريٽر جا شاهي خرچ : 9 مهينن ۾29 ڪروڙ 44 لک اڏائي ڇڏيا

اپريل 1, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر آفيس جا شاهي خرچ، هلندڙ مالي سال 2023_24ع جي 9 مهينن ۾29 ڪروڙ 44 لک 81 هزار رپيا اڏائي ڇڏيا، مختلف افتتاحي تقريبن جي مد ۾ 3 ڪروڙ 95 لک رپين جو خرچ ظاهر، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر آفيس ۾ هلندڙ مالي سال دوران ڳاٽي ٽوڙ خرچ ٿيڻ جو نئون معاملو سامهون اچي ويو، هلندڙ مالي سال ۾ چيف ايڊمنسٽريٽر ضروري مشنري جي خريداري جو جواز ڄاڻائي هڪ ڪروڙ 90 لک رپيا، فرنيچر جي خريداري تي 7 لک 37 هزار رپيا، مختلف مدن ۾ خرچ ڄاڻائي 72 لک 20 هزار رپيا، ٽرانسپورٽ جي مد ۾ 22 لک 22 هزار رپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن. اهڙي طرح هلندڙ مالي سال جي رڳو 9 مهينن ۾ درگاهن تي قائم ڊسپينسرين ۾ دوائن جي خريداري جي مد ۾ 31 لک 15 هزار روپيا، افتتاحي تقريبن جي مد ۾ 3 ڪروڙ 95 لک رپيا، عملي کي حفاظتي يونيفارم ڏيارڻ جي مد ۾ 8 لک 47 هزار رپيا، پرنٽنگ اينڊ پبليڪيشن جي مد ۾ 9 لک 48 هزار رپيا، اسٽيشنري خريداري جي مد ۾ 3 لک 51 هزار رپيا خرچ ظاهر ڪيو ويو آهي. اوقاف ايڊمنسٽريٽر پاران هوائي سفر تي 38 لک 72 هزار رپيا ۽ سفري ( ٽريولنگ ) الائونس جي مد ۾ 37 لک 50 هزار 390 روپين جو خرچ ڏيکاريو ويو آهي. اهڙي طرح ٽيليفون استعمال جي مد ۾ 9 مهينن دوران 3 لک 26 هزار ۽ ٽپال توڙي ٽيليگراف جي مد ۾ 2 لک رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف پاران 9 مهينن ۾ جنريٽر جي پيٽرول جي مد ۾ 30 لک 2 هزار رپيا خرچ ظاهر ڪيو آهي، جيڪي هر مهيني ۾3 لک 30 هزار رپيا ٿين ٿا.

اوقاف کاتي ۾ من پسند آفيسرن  کي اضافي چارجون مليل

ڪراچي: اوقاف کاتي ۾ من پسند آفيسرن  کي اضافي چارجون مليل، ان حوالي سان اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر آفيس حيدرآباد جي اسسٽنٽ محمد علي شاھ کي مينيجر درگاهه مڪي شاھ  ۽ مينيجر حيدرآباد سرڪل ٽو جون 2 اضافي چارجون سونپيل آهن، جڏهن ته ڊيٽا پروسيسنگ آفيسر (ڪمپيوٽر آپريٽر) امتياز لاشاري کي به مينيجر حيدرآباد سرڪل ون جي اضافي ذميواري سان نوازيو ويو آهي. اهڙي طرح ايڊمن آفيسر طور مقرر ٿيل آفيس سپرنٽينڊنٽ ارشاد سمون کي  سکر زون جي ايڊمنسٽريٽر واري اضافي چارج مليل آهي.

اثاثا ڪيس: اسسٽنٽ انجنيئر محمد علي پانڌياڻي ۽ ميڊيڪل آفيسر اويس ڀٽي نيب جي راڊار تي اچي ويا

ڪراچي: اوقاف کاتي جي آفيسرن  تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام، نيب اختيارين جي خط باوجود اوقاف اختيارين جاچ هيٺ آيل آفيسرن کان اثاثن جا تفصيل وٺي نيب حوالي نه ڪيا ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  اوقاف کاتي جي اسسٽنٽ انجنيئر محمد علي پانڌياڻي ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسر اويس ڀٽي خلاف نيب پاران آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي جاچ شروع ڪري اوقاف کاتي جي اختيارين کان سندن ملڪيتن جا تفصيل گهرايا هئا، جيڪي هن وقت پيش ناهن ٿيا

Leave A Comment