اوقاف جي هٽايل ايڊمنسٽريٽر 11 ملازمن کي ترقي ڏئي ڇڏي: ڊرائيور وري ڪلارڪ ٿي ويو

آگسٽ 7, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) اوقاف کاتي  جي هٽايل  چيف ايڊمنسٽريٽر ويندي ويندي 11 ملازمن کي ترقي ڏئي ڇڏي: ڊرائيور جو ڪيڊر بدلائي  ڪلارڪ ۾ تبديل،  ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ حڪومت جي ٻن آفيسرن اوقاف کاتي کي مذاق بڻائي ڇڏيو. 2 ڏينهن اڳ چيف ايڊمنسٽريٽر جي عهدي تان هٽايل آفيسر سيد عطاالله شاھ عهدو ڇڏڻ بجاءِ حيدرآباد واري آفيس ۾ ويهي ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي،  جنهن ۾ 11هين گريڊ جي محمد اسلم، قاسم، حافظ اسماعيل، ممتاز بوزدار، الله بچايو لغاري، اويس، نور فاروقي ۽ ماجد سميت 11 ملازمن کي 14هين گريڊ ۾ سينيئر ڪلارڪ طور ترقين جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب هٽايل چيف ايڊمنسٽريٽر ڊرائيور ممتاز پتافي جو غيرقانوني طور تي ڪيڊر تبديل ڪري جونيئر ڪلارڪ طور ترقي جي منظوري ڏني واضح رهي ته ڪيڊر تبديل ڪري ترقين جي منظوري بابت سپريم ڪورٽ پاران به حڪم نامو جاري ٿيل آهي. هٽايل چيف ايڊمنسٽريٽر ترقين جي منظوري ڏيڻ بعد چارج نئين مقرر ٿيل چيف ايڊمنسٽريٽر فرخ شهزاد قريشي حوالي ڪئي.

Leave A Comment