اياز صادق هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو، پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو

مارچ 1, 2024

مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جو گڏيل اميدوار سردار اياز صادق هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ اجلاس راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿي رهيو آهي

پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ راجا پرويز اشرف ٻڌايو ته سردار اياز صادق 199 ووٽ کڻي اسپيڪر چونڊجي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار ملڪ محمد عامر ڊوگر 91 ووٽ حاصل ڪيا

ان بعد راجا پرويز اشرف اياز صادق کان قومي اسيمبلي جي 23هين اسپيڪر طور حلف ورتو
اسپيڪر چونڊجڻ کانپوءِ اياز صادق ملڪ عامر ڊوگر جي سيٽ تي ويو ۽ ساڻس هٿ ملايو، اياز صادق حامد رضا ۽ عمر ايوب خان سان به هٿ ملايو، جڏهن ته يوسف رضا گيلاني اياز صادق کي مبارڪباد ڏني

ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ايوان جي ميمبرن کي اسپيڪر جي چونڊ جي طريقيڪار کان آگاهه ڪيو، جنهن کانپوءِ سني اتحاد ڪائونسل جي بئريسٽر گوهر ۽ عمر ايوب پوائنٽ آف آرڊر تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جيستائين اسيمبلي ميمبرن جي چونڊ نه ٿيندي. ايوان جو نمبر پورو ناهي اليڪشن ڪيئن ٿيندي.
جڏهن مسلم ليگ ن جي ميمبر قومي اسيمبلي راڻا تنوير پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن شور مچائڻ شروع ڪيو، جنهن تي اسپيڪر چيو ته جڏهن توهان ماڻهو ڳالهائي رهيا هئا ته سڀ خاموشي سان ٻڌي رهيا هئا، توهان کي به هڪ ٿيڻ گهرجي. ٻين کي خاموشي سان ٻڌو

ان بعد اسپيڪر راجا پرويز اشرف اسپيڪر جي چونڊ جو عمل شروع ڪيو ۽ چيو ته آئين ۽ قانون موجب اوهان پاڻ اليڪشن ڪميشن وٽ وڃو. اليڪشن ڪميشن اليڪشن سان لاڳاپيل فورم آهي قومي اسيمبلي نه
اسپيڪر لاءِ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جو گڏيل اميدوار اياز صادق جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جو اميدوار عامر ڊوگر هو، اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ ذريعي ڪئي وئي

اسپيڪر جي چونڊ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿيندي، ڊپٽي اسپيڪر لاءِ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي اميدوارن ۾ غلام مصطفيٰ شاهه آهي، جڏهن ته سني اتحاد جو اميدوار جنيد اڪبر آهي

ياد رهي ته گذريل ڏينهن 19هين قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ 336 رڪني ايوان مان 302 ميمبرن حلف کنيو هو

Leave A Comment