آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان، مظفر آباد ۾ 3 مظاهرين جي مارجي وڃڻ بعد اڄ يوم سوڳ ملهائڻ ۽ هڙتال جو اعلان

مَي 14, 2024

آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان، مظفر آباد ۾ 3 مظاهرين جي مارجي وڃڻ بعد اڄ يوم سوڳ ملهائڻ ۽ هڙتال جو اعلان، عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ميمبر امتياز اسلم جو چوڻ آهي ته آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن مان مظفر آباد پهتل مظاهرين کي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ چيو ويو آهي، امتياز اسلم چيو ته 3 مظاهرين جي مارجي وڃڻ جو ذميوار آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوار الحق آهي، سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، وفاقي سرڪار اسان جا سمورا مطالبا تسليم ڪري ورتا آهن، تنهن ڪري احتجاج ختم ڪري رهيا آهيون، گذريل ڏينهن ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا منظور ڪندي آزاد ڪشمير ۾ اٽو ۽ بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، وزيراعظم شهباز شريف 23 ارب روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري به ڏني هئي..

Leave A Comment