بابل ڀيو جي پٽ جا اسمگلرن سان رابطا ثابت، پڪڙيل هٿيار ڌاڙيلن کي ڏيڻا هئا: جي آءِ ٽي رپورٽ
جُون 8, 2024
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) جيڪب آباد پوليس طرفان بلوچستان مان پوليس پروٽوڪول ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ واري واقعي جي جاچ رپورٽ ۾ اهم انڪشاف سامهون اچي ويا. جيڪب آباد پوليس سنڌ ۽ بلوچستان بارڊر تي پوليس پروٽوڪول ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هٿيارن ۽ گوليون هٿ ڪيون هيون، اڳوڻي صلاحڪار مشير بابل ڀيو پنهنجو نالو گونجڻ بعد عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي هئي جنهن بعد آءِ جي سنڌ طرفان طرفان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي هئي، جاچ ڪاميٽي طرفان آئي جي سنڌ کي اماڻيل رپورٽ جي ڪاپي ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي جنهن ۾ اهم انڪشاف ٿيل آهن. رپورٽ موجب ڪاميٽي جي ٻئي اجلاس ۾ گرفتار ٿيل 7 جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. گرفتار جوابدارن جو چوڻ هو ته اڳوڻي صلاحڪار بابل ڀيو جي پوليس پروٽوڪول واري گاڏي هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ استعمال ڪئي، جڏهن ته بابل ڀيو جو پٽ الطاف ڀيو اسمگلرن سان رابطي ۾ هو، هٿيارن جي اها ڊيل 4 لکن ۾ ڪئي وئي، اهي هٿيار ڪچي جي ڌاڙيلن کي فراهم ڪرڻا هئا، هٿيار خريد ڪرڻ جو ٽاسڪ محبوب ڀيو ڏنو هو. رپورٽ موجب موجب جاچ ۾ پتو پيو ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ جو ماسٽر مائينڊ اختر لاشاري آهي، جيڪو ڪچي جي ڌاڙيلن کي راڪيٽ لانچر، هينڊ گرنيڊ ۽ ٻيا جديد هٿيار فراهم ڪري چڪو آهي، شڪارپور ۾ قبيلائي جهيڙن کانپوءِ اسمگلر اختيار لاشاري نياز سومرو، حاجن مارفاڻي، رمضان جتوئي، گل حسن ڀيو، غلام حيدر جتوئي، بلوچ جکراڻي، رمضان ڀيو، سڄڻ چانڊيو، برڪت جعفري، خاوند بخش ۽ حفيظ ڪلهوڙي کي هٿيار فراهم ڪيا آهن. 19 اپريل تي محبوب ڀيو جديد هٿيارن جي خريداريءَ لاءِ 4 لک رپيا ڏنا، جنهن کانپوءِ نبيل ڀيو ۽ ذاڪر ڊيرا مراد جمالي (بلوچستان) پهتا، جتي توفيق گجر سان ملاقات ٿي، اتي علي حسن ماڇي کان هٿيار خريد ڪيا ويا، هٿيارن جي خريداري دوران الطاف ڀيو ۽ پوليس موبائل آفيسر امتياز ڀيو جوابدارن سان رابطي ۾ هئا، جڏهن هٿيارن جي خريداري کانپوءِ پوليس پروٽوڪول گهربل هو ته ڊيرا مراد جمالي ٽول پلازا تي اي ايس آءِ امتياز ڀيو، پوليس ڪانسٽيبل ثناءُ الله ۽ بقاءُ ﷲ موجود هئا، جن جو ڪم پروٽوڪول ۾ شڪارپور پهچائڻو هو. پروٽوڪول باوجود جيڪب آباد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موبائل جي انچارج امتياز علي ڀيو ٻڌايو ته اسان جي ڊيوٽي بابل خان ڀيو سان هئي، 19 اپريل تي الطاف ڀيو ۽ اسمگلر اختر لاشاري ٽيليفون تي ٻڌايو ته مهمانن کي بلوچستان مان آڻڻو آهي اسان بلوچستان (ڊيرا مراد جمالي) پهتاسين، جتي اختيار لاشاري، ذاڪر ڀيو، توفيق گجر ۽ نبيل ڀيو سان ملاقات ٿي، انهن هٿيارن بابت آگاهه ڪندي پروٽوڪول ۾ شڪارپور پهچائڻ جي فرمائش ڪئي پر مولاداد پوليس جيڪب آباد باءِ پاس تي گاڏي کي روڪي تلاشي ورتي ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا. 11 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته هٿيارن جي اسمگلر اختيار لاشاري جا الطاف ڀيو ۽ پوليس آفيسر امتياز علي ڀيو سان تعلق آهن، هٿيارن جي خريداري جو ٽاسڪ محبوب ڀيو ڏنو هو. رپورٽ ۾ ”سي ڊي آر“ ڪال رڪارڊ جي ڪاپي به منسلڪ ڪئي وئي آهي جي آءِ ٽي پاران بابل ڀيو جي پٽ الطاف ڀيو جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ الطاف ڀيو چيو ته مون کي هٿيارن جي اسمگلنگ بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي، اهي الزام بي بنياد آهن.