باڊهه ٽائون ڪاميٽي ۾ 278 جعلي ۽ گوسڙو ملازم هئڻ جو انڪشاف
آگسٽ 27, 2024
لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) باڊهه ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين بدرالدين ساريو آفيس سپريٽيڊنٽ محمد پريل سومرو ۽ ڪائونسلر گدا حسين تنيو سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته باڊهه ٽائون ڪاميٽي ڄڻ ته سنڌ سيڪريٽريٽ بڻيل آهي، جتي 278 گوسڙو ملازم ڊيوٽي چور آهن، جن جو تعلق لاڙڪاڻي، نئون ديرو، دادو، نوابشاهه شهدادڪوٽ ضلعن سان آهي جيڪي آفيس ۾ ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ هٿ ٺوڪي ملازم يونين ٺاهي باڊهه ٽائون ڪاميٽي انتظاميه کي پگهارن لاءِ ڪافي عرصي کان بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن جن ڪڏهن به آفيس جو منهن به ناهي ڏٺو جيڪي آفيس ۾ حاضري ڏيڻ لاءِ به ناهن ايندا ۽ انهن کي اِها به خبر ناهي باڊهه ٽائون ڪاميٽي جي آفيس ۾ ڪيترا ڪمرا آهن. هن چيو ته باڊهه ٽائون ڪاميٽي جي بجيٽ 2 ڪروڙ روپيا آهن جتي هن وقت ملازمن جو تعداد 314 آهي ۽ 62 ملازم ڊيلي ويجز تي رکيا ويا آهن جيڪي شهر ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم ڪندا آهن، سمورن ملازمن جي پگهارن تي هڪ ڪروڙ 67 لک روپيه خرچ ٿين ٿا ۽ ٻين پئسن مان ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ ٽائون ڪاميٽي جي بجيٽ ملازمن جي پگهارن تي خرچ ٿيڻ سبب باڊھ شھر اجڙي ويو آهي. هن چيو ته تازو مڪاني ادارن واري کاتي طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو جي ايڊيشنل رجسٽرار کي مختلف داخل درخواستن بابت ليٽر اماڻيو ويو جنهن ۾ صاف ۽ واضع طور ڄاڻايو ويو آهي ته ڏوڪري ۽ باڊهه ٽائون ڪاميٽين ۾ 2012ع کان مجموعي طور 78 پڪا ۽ ريگيولر ملازم ڊيوٽي ڪري رهيا آهن جن جو رڪارڊ پڻ مڪاني ادارن واري کاتي وٽ موجود آهي جڏهن ته انهن کان علاوه ڀرتي ٿيل سمورا ملازم جعلي آهن جنهن آفيسر سال 2012ع ۾ انهن جعلي ملازمن جي ڀرتين جا آرڊر جاري ڪيا انهن ئي پاڻ نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن کي واضع طور لکي ڏنو هو ته ڀرتي وارن آرڊرن تي منهنجي صحيح ڪوڙي آهي، هڪ ڪاميٽيءَ ۾ پڻ هن لکي ڏنو هو ته مان ڪنهن ڪاميٽيءَ جو ميمبر ناهيان، منهنجي صحيح ڪوڙي آهي ان جي باوجود ايتري وڏي تعداد ۾ ڀرتي ڪيل جعلي ملازمن خلاف اڄ ڏينهن تائين ڪا به ڪاروائي ناهي ٿي ۽ نه ئي ڪا جاچ ڪئي پئي وڃي جيڪي ٽائون ڪاميٽيءَ جي بجيٽ تي وڏو بار بڻيل آهن. هن چيو ته جعلي ۽ گوسڙو ملازمن جي پگهار بند ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي هو بااثر سياسي شخصيتن کان سفارش ڪرائين ٿا، باڊهه ۾ سياسي ماحول جي ڪري اهڙن ملازمن خلاف اسان ڪاروائي به نه ٿا ڪري سگهون تنهن ڪري مجبور آهيون اسان ڪنهن کي بيروزگار ڪرڻ بجاءِ کين نوڪرين تي هلايون پيا، اسان اهڙن ملازمن کي بار بار چوندا رهيا آهيون ته هو پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ بدلي ڪري هليا وڃن پر کين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي تنهن ڪري هاڻي باڊهه ٽائون ڪاميٽي اهڙن جعلي ۽ گوسڙو جو بار نه ٿي کڻي سگهي جن کي مختلف وقتن تي بالا آفيسر پنهنجي دوري دوران ڊيوٽي ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪندا رهيا آهن اهڙن ملازمن کي پنهنجن پنهنجن ضلعن ڏانهن ٽرانسفر ڪيو وڃي، اهڙن گوسڙو ملازمن کي احتجاج جو ڪو به حق ناهي اسين انهن جي بليڪ ميلنگ ۾ اينداسين. هن سنڌ جي وڏي وزير، مڪاني ادارن واري کاتي جي صوبائي وزير سميت ريجنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته باڊهه ٽائون ڪاميٽي جي جعلي ۽ گوسڙو ملازمن خلاف ڪاروائي ڪري ٽائون ڪاميٽي باڊهه کي بچايو وڃي.