بدين شھر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، سوين گھر، آفيسون، اسڪول، ٿاڻا ۽ قبرستان پاڻي ھيٺ

سيپٽمبر 3, 2024

بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين شھر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، گھر، سرڪاري آفيسون، اسڪول ۽ قبرستان پاڻي ھيٺ آهن، جڏهن ته پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف محدود  الله والا چوڪ بدين تي شاگردن احتجاجي مظاھرو  ڪري انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، تفصيل موجب بدين شھر جي حاجي ھاشم خاصخيلي پاڙي، مساڻ محلا، ريلوي اسٽيشن، چانڊيا نگر، اتفاق ڪالوني، عابد ٽائون، علي ٽائون، حيدر ٽائون، مزدور ڪالوني، پير عالي شاھ ڪوٽ، پير ملوڪ شاھ ڪوٽ، قائداباد، سانگياڻيون محلو، پوسٽ آفيس، ايجاد پاڙو، ڦل کاڻ، پراڻي سول اسپتال، ڳوٺ ابو شيخا سومرو، غريب آباد، ڪڍڻ روڊ، ڳوٺ مصري ملاح، ڳوٺ رئيس انور جمالي ۽ ايريگيشن ڪالوني وارا علائقا پاڻي ھيٺ آھن، پبلڪ ھيلٿ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين، مختيارڪار آفيس، روينيو آفيس، ٿاڻو، ايل بي او ڊي آفيس، زرعي توسيعي کاتو بدين، ھاءِ ويز بدين، ايجوڪيشن ورڪس، ايجوڪيشن ضلع آفيس، واپڊا گرڊ اسٽيشن بدين، شاھه قادري قبرستان، مولوي حاجي احمد ملاح قبرستان، شاھ برھان قبرستا، معصومن جو قبرستان ٽي فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آھي، لاڙ سنڌ يونيورسٽي بدين، مين بوائز ھاءِ اسڪول بدين، روينيو ڪالوني گرلس توڙي بوائز اسڪول، اسلاميه ڍگري ڪاليج بدين، او پي ايف اسڪول بدين، ڳوٺ الھڏنو سومرو مون اسڪول، پراڻو واٽر سپلائي بوائز توڙي گرلس اسڪولن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آھي، ھاءِ اسڪول بدين جي شاگردن اسلم محمد علي ۽ عقيل خواجا جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ تي احتجاج ڪري بدين حيدرآباد مين روڊ مڪمل بند ڪري ڇڏيو، شاگردن مطالبو ڪيو ته بدين مان برساتي پاڻي ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو، سنڌ حڪومت پاران بدين ضلع لاءِ مقرر فوڪل پرسن صوبائي وزير سيد ذولفقار علي شاھه ڪو عملي ڪم نه ڪيو.

Leave A Comment