بدين ۾ پنجين ڏينھن به طوفاني برسات، ڪچا گهر ڊهي پٽ، فصل تباهه، بجلي بند، پيئڻ جو پاڻي ختم

آگسٽ 31, 2024

بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين ۾ پنجن ڏينھن کان هلندڙ طوفاني برسات تباھي مچائي ڇڏي، ڪيترائي ڪچا گھر ڊهي پٽ ٿي ويا، جڏهن ته لکين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿي ويا

پنجن ڏينھن کان بجلي بند هئڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي، کلي آسمان ھيٺ ويٺل ھزارين ماڻھن بکون ڪاٽڻ سبب بيمار ٿي ويا، رين ايمرجنسي لاءِ مقرر فوڪل پرسن دربار ھال ۾ ڪيل ھڪ ميٽنگ کانپوءِ گم  ٿي ويو

چونڊيل مقامي نمائنده گھرن کان ٻاهر نه نڪتا، شهر جي مختلف پاڙن جي رهوسين پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شاھنواز چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي

ٻئي پاسي پنجن ڏينھن کان ھلندڙ برسات سبب شھر جا ڪيترائي علائقا لغاري ڳوٺ، پير عالي شاھه ڪوٽ، پير ملوڪ شاھه ڪوٽ، مزدور ڪالوني، عابد ٽائون، علي ٽائون، اتفاق ڪالوني، غريب آباد، اڊيجا پاڙو، راھمان پاڙو، پوسٽ آفيس روڊ، قائدآباد، حاجي ھاشم خاصخيلي، چانديا، ڀانڊا پوري ۽ ٻين علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهن

برسات متاثر شھرين رمضان انصاري، شاھنواز، اصغر علي جوڻيجو، سومار ملاح، اسلم ۽ ٻين دانھيندي چيو ته انتظامي عملدارن ٽينٽ، ترپال مڇردانيون، راشن ۽ ٻيو سامان پنھنجي پنھنجي علائقن ڏانھن موڪلي ڇڏيو آهي.

Leave A Comment