بدين جي سامونڊي پٽي ۾ ڳوٺاڻن جي بائيڪاٽ سبب سوين ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويا
سيپٽمبر 16, 2024
سيراڻي (رپورٽ: شاهنواز چاوڙو) بدين جي سامونڊي پٽي ۾ 13 سئو کان مٿي ٻارڙا پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويا، ساحلي پٽي جي جي چئن يونين ڪائونسل سيراڻي، پير فتح شاهه، شهيد دودو سومرو، ڀڳڙاميڻ جي مختلف ڳوٺن علي نواز ملاح، حاجي پانڌي چانگ، محرم چانگ، ڇٽو خاصخيلي، سيراڻي سٽي جي ملاح پاڙي، حاجي صالح شوري، جمن خاصخيلي، عارو پسيو، ننگر خاصخيلي، احمد ترڪ، طيب ملاح، علي ترڪ، سانوڻ منڌرو، مراد گوپانگ ۽ دينار خان ٽالپور سميت 30 لا مٿي ڳوٺن جي رهواسين اسڪولن ۾ استاد نه مقرر نه ٿيڻ، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ چونڊيل نمائندن پاران واهر نه ڪرڻ خلاف ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو، ڳوٺاڻن ننگر خاصخيلي، ذاهد پسيو، عبدالڪريم، علي نواز ملاح، علي ترڪ، ڪارومنڌرو ۽ پيارو ڀيل جو چوڻ هو برساتن دوران ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آھن، ڪچا گھر ڊھي پيا، اسڪولن ۾ استاد نه آھن، بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪو به تيار نه آھي، ڪنهن به چونڊيل نمائندي واهر نه ڪئي آهي، هنن چيو ته جائز مطالبا ٻڌڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي، اسان جا مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي سيراڻي جي سامونڊي پٽي جي ڊسپينسري جي انچارج ڊاڪٽر مهتاب منڌرو ٻڌايو ته انتظاميا سان ملي ڪري ڳوٺاڻن جا مسئلا ٻڌا، حل ڪرڻ جي خاطري بعد مختلف ڳوٺن ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا، 150 جي لڳ پڳ ٻارڙا پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهيل آهن.