باجوه مارشل لا جي ڌمڪي ڏني هئي: فيض جي قدمن ۾ عمران شامل هو، وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون: وفاقي وزير
آگسٽ 16, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ + م ڊ) سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير عطاء تارڙ چيو آهي ته رٽائرڊ جنرل فيض حميد جي قدمن ۾ پي ٽي آءِ باني جي خواهش شامل هئي، هن چيو ته بي اعتمادي رِٿ وقت به فيض حميد پي ٽي آءِ باني سان رابطي ۾ هو، گرفتار ٿيل ماڻهن انتشاري ٽولي سان گڏجي ڪارروائيون ڪيون، پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ويهِي کين ليڊ ڪري رهيو هو، لڳي ٿو وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون، بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته 9 مئي تي فوجي ٺڪاڻن تي جيڪي حملا ٿيا، اُنهن جاين جي نشاندهي ۾ فيض حميد جو ڪردار هو، جنرل فيض آرمي چيف جي مقرري وقت لاڳاپيل حلقن سان گڏ ڪوشش ڪئي ته کيس آرمي چيف بڻايو وڃي، هُن پنهنجي ماضي جي ڪردار جون وضاحتون ڏنيون ۽ ايندڙ وقت لاءِ خاطريون ڪرايون، فيض حميد طاقت جي انتها چاهي رهيو هو، فيض حميد کي آرمي چيف نه بڻايو ويو ته هُن پي ٽي آءِ جو پريشان ذهن استعمال ڪيو. بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه مارشل لاء لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، اها ڳالهه هن اڪيلي نه پر گهڻن ماڻهن جي وچ ۾ ڪئي هئي، باجوه جي احتساب بابت سوال تي خواجه آصف چيو ته آئون ڪير ٿيندو باجوه جو احتساب ڪرڻ وارو، نجي ٽي چينل سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ملڪ احمد ڪنهن ٻي صورتحال ۽ آئون ٻي صورتحال جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، باجوه نگران دور ۾ 6 مهينن کان سال جي ايڪسٽيشن جو چئي رهيو هو، باجوه عمران کي کڻي آيو، 4سالن تائين شو هلايو، باجوه ۽ فيض جو انتهائي ويجهو تعلق آهي، خواجه آصف چيو ته عمران نواز شريف ۽ خاندان خلاف ڪارروائي ڪئي، ان وقت جوڊيشل ڪميشن جو خيال ڇو نه آيو؟ فيض حميد جي معاملي تي حڪومت چاهي ته جوڊيشل ڪميشن ٺاهي سگهي ٿي.