باجوه جي ڪورٽ مارشل بابت عمران کان معلوم ڪريو: علوي
آگسٽ 20, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته قمر باجوه جي ڪورٽ مارشل بابت عمران خان کان معلوم ڪريو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڳالهه ٻولهه دوران صحافين سوال ڪيو ته توهان سپريم ڪمانڊر هئا، جنرل فيض تي ڪيترائي الزام لڳا، جنهن تي عارف علوي چيو ته بعد ۾ گهڻو ڪجهه ٿيندو رهيو، منهنجي نوٽيس ۾ گهڻو ڪجهه هيو. جيڪو هاڻي ٿيندو اهو سٺو ٿيندو. جنرل باجوه جي ڪورٽ مارشل بابت سوال جي جواب ۾ عارف علوي چيو ته مون کي خبر ناهي، اهو عمران خان کان معلوم ڪريو. هن چيو ته انشاءَ الله عمران خان جلد ٻاهر اچي ويندو. اڳوڻي صدر عارف علوي چيو ته هي 1500 ڪيس هلائي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ڪيس ٺاهين، هي ڪوششون ڪري وٺن مون کي به موقعو ايندو. اسيمبلي ٽوڙڻ واري قدم تي آرٽيڪل 6 لاڳو ڪرڻ بابت سوال تي اڳوڻي صدر چيو ته آرٽيڪل 6 لڳائڻ چاهيو ته پوءِ ڪوشش ڪري وٺو، آرٽيڪل ڇا آهي زندگي ۽ موت جي جنگ ۾ به هتي آهيان. عارف علوي وڌيڪ چيو ته مان هميشه آڊيو ليڪس جي خلاف رهيو آهيان، ڪنهن کي به منهنجي نجي ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ جو حق ناهي.