بخشاپور: ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري تڪرار تان فائرنگ ۾ 3 نينگرن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

مَي 31, 2024

بخشاپور ويجهو ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري تڪرار تان فائرنگ ۾ 3 نينگرن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، انڊس هاءِ وي تي ڇڻڪو اسٽاپ وٽ جوابدارن ڳوٺ علي محمد ڀنگوار جي رهواسين تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب 13 سالن جو مزمل، 11 سالن جو ماجد، 9 سالن جو شهزاد ۽ 36 سالن جو شبير احمد ڀنگوار مارجي ويا، پوليس چئني مقتولن جا لاش ٽريڪٽر ذريعي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪري ڇڏيا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو، تڪرار تان اڳ به 2 ڄڻا مارجي ويا هئا، جنهن جو نبيرو به ٿي چڪو هو، نبيري باوجود اڄ هٿياربندن فائرنگ ڪري 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

Leave A Comment