بلوچستان واقعا انٽيلجنس ناڪامي قرار، پاڪستان ٽوڙڻ چاهين ٿا، حل ڪڍو، ڳالهين جو اختيار صدر زرداري کي ڏيو: سينيٽرز
آگسٽ 28, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ بلوچستان صورتحال تي بحث، اپوزيشن پاران بلوچستان واقعا انٽيليجنس ناڪامي قرار، سياسي حل ڪڍڻ جي تجويز، سينيٽ ميمبرن بلوچستان جي مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍڻ ۽ ان حوالي سان آصف زرداري کي اختيار ڏيڻ جي تجويز ڏني، سينيٽ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته بلوچستان مسئلي جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ خاطر سمورين پارٽين تي ٻڌل پارلياماني ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي. تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس ٿيو، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر پاران بلوچستان واقعا انٽيليجنس جي ناڪامي قرار ڏني وئي، شبلي فراز چيو آهي ته بلوچستان ۾ ٿيل واقعا انٽيليجنس جي ناڪامي آهن، بلوچستان ۾ جيڪو ماحول جُڙيو آهي، اُهو صوبي سوڌو سڄي پاڪستان جي حق ۾ ناهي، ڪالهه 14 سئو ڪلوميٽرز جي وچ ۾ حملا ڪيا ويا، گهرو وزير ٻڌائي ته ڇا ٿي رهيو آهي، تشدد جو رستو نٿا چاهيون، معاملن کي سياسي طور حل ڪيو وڃي. عوامي نيشنل پارٽي جي سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته هتي تقريرون پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ ڪيون وينديون آهن، جنهن کي اڄ اسان فساد چئي رهيا آهيون، رياست ان کي جهاد جي نالي تي هٿي ڏني، آمريڪن جهاد کي پروموٽ ڪيو جنهن سان رياست کي اربين ڊالر مليا، ايوان ۾ اسامه بن لادن کي شهيد چيو وڃي ٿو، پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو ذهني طور دهشتگرد آهي، هن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪي واقعا ٿيا آهن اهي دردناڪ آهن ان تي ايوان کي گڏجي فيصلو ڪرڻ گهرجي، نيشنل ايڪشن پلان ۾ واضح آهي ته سهولتڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، جنرل باجوه، جنرل فيض ۽ عمران جو ڳٺ جوڙ هو، 40هزار دهشتگردن کي واپس آڻي آباد ڪيو ويو جيستائين سهولتڪار ختم نه ڪيا ويندا دهشتگردي ختم نه ٿيندي، ڪميشن جوڙي وڃي، جنرل باجوه، فيض، عمران، علوي ۽ محمود خان کان پڇا ڪئي وڃي ته ڪهڙي مفاهمت ڪئي وئي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سينيٽ ۾ خطاب دوران چيو ته اسان ڊائلاگ جي نالي تي وڏي غلطي ڪئي، رياست کي مڃيندڙن سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ناراضگي جي نالي تي پهاڙن تي چڙهي معصوم شهرين کي قتل ڪن ٿا، اُنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته ڪجهه ماڻهن کي استعمال ڪري صوبي ۾ افراتفري جي ڪوشش ڪئي وئي، ناراضگي جي نالي تي تشدد جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، وفاق ۽ بلوچستان سرڪاري رابطي ۾ آهن، وزيراعظم شهباز شريف به هڪ ٻن ڏينهن ۾ بلوچستان ويندو، هن اشو کي سياست جي نذر نه ڪيو وڃي، اسان کي اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، اهو گڏجي سوچڻ گهرجي، اسحاق ڊار چيو ته بلوچستان ۾ حملو ڪندڙن کي ٻاهران پئسا ملندا آهن، دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، آپريشن تي ڀلي هڪ هزار ارب خرچ اچي پر امن قائم ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي قدمن کي ريورس ڪيو ويو، جيل ۾ موجود دهشتگردن کي ڇڏيو ويو، تجويز ڏيو اسان ڇا ڪيون؟ تشدد جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، توهان آئين، قانون ۽ ملڪ جي جهنڊي کي تسليم ڪيو ته ڳالهيون ٿينديون. سينيٽر انوار الحق چيو ته بلوچستان سانحي تي پوري قوم سوڳوار آهي، هي قومي جنگ آهي هي ايف سي، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، فوج جي انفرادي جنگ ناهي، مون کي اها ڳالهه قبول ناهي ته اها بلوچ ۽ پنجابي جي ويڙهه آهي. انهن جو مقصد پاڪستان جي رياست کي ٽوڙي هڪ نئين رياست ٺاهڻ آهي. قومي سلامتي ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ سمورين ڌرين کي شامل ڪيو وڃي. سياسي اختلاف ڇڏي ان تي سنجيدگيءَ سان بحث ڪيو وڃي. اسان هڪ پرامن پاڪستان چاهيون ٿا. سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ڪيترون چئون ته هي ناراض آهن، ڪو به جائز مطالبو نه آهي جيڪو ٻين جي قتل تي مجبور ڪري، اهي ماڻهو رعايت جا مستحق ناهن. هن چيو ته هڪ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. ڳالهيون جو دروازو بند نه ڪريو. پر ڳالهين جا شرط هوندا. جنهن جاءِ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي اتي پاڪستان جو جهنڊو هجي. سينيٽ جي هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا معاملي تي غور ڪري ۽ قابل عمل تجويزون تيار ڪري. سينيٽر شيري رحمان چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ٿيو اها دهشتگردي آهي، ڪو به سٺو يا خراب دهشتگرد ناهي. بلوچستان ۾ محرومي هئي ۽ توهان جي پاڙيسري ان ۾ جيڪو زهر وڌو اهو ظاهر آهي. مودي جو جهنڊو کڻي بيٺل آهن. هي ملڪ خلاف بغاوت آهي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي سينيٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، اهڙي قتل عام دوران ايجنسيون ڪٿي هيون؟ڇا اها انٽيلجنس ناڪامي نه هئي؟ وفاقي ايجنسيون ڇا ڪري رهيون آهن، حڪومت انهن کي پئسا ڏيندي آهي، اوهان جو وفاق ٽٽي رهيو آهي. سينيٽر عبدالشڪور خان اچڪزئي چيو ته دهشتگردي جي تازي واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طاقت بجاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو وڃي. آصف علي زرداري کي ڳالهين جو اختيار ڏنو وڃي. آصف علي زرداري مفاهمت ذريعي مسئلا حل ڪرڻ ڄاڻي ٿو.