بلوچستان سرڪار طوفاني برسات بعد ڳڻتي جوڳي صورتحال تي گوادر کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو
مارچ 1, 2024
بلوچستان سرڪار طوفاني برسات بعد ڳڻتي جوڳي صورتحال تي گوادر کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو، گوادر ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري، ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ، گهرن، بازارن ۽ رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءَ نه وٺڻ تي انتظاميا خلاف شهرين جون دانهون، متاثرن جو چوڻ آهي ته ٻار، عورتون ۽ پيرسن شهري بُک تي ويٺا آهن، ٽن ڏينهن کان ڪير به سُمهي نه سگهيو آهي، پر انتظاميا ڪابه سار نه لڌي آهي، برسات متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جي ٽيمن جون امدادي ڪارروائيون، ڪوئيٽا ۾ برسات سبب رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، مستونگ، قلات، چاغي، چمن، قلعه عبدالله ۽ پشين سوڌو ٻين علائقن ۾ به وسڪارا، ڍنڍن، ڍورن ۽ نئين جي پاڻيءَ ۾ چاڙهه، موسميات کاتي پاران بلوچستان ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن تائين برسات جاري رهڻ جا امڪان