بلوچستان مان بندش پيل ٽي ٽي پي شُوريٰ جو اهم ڪمانڊر نصرالله گرفتار

جُون 26, 2024

بلوچستان مان بندش پيل ٽي ٽي پي شُوريٰ جو اهم ڪمانڊر نصرالله گرفتار، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لانگو ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران صوبي ۾ دهشتگردن جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو آهي، گذريل ڏينهن آپريشن دوران گرفتار ڪيل دهشتگرد ڪمانڊر نصرالله تحريڪ طالبان جي شوريٰ جو ميمبر آهي ۽ دفاعي ڪميشن جو ميمبر به رهيو آهي، صوبائي گهرو وزير پريس ڪانفرنس دوران گرفتار ڪيل دهشتگرد ڪمانڊر جو وڊيو بيان به ڏيکاريو، وڊيو بيان ۾ ڪمانڊر نصرالله پاڪستان ۾ 16 سالن کان سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو، دهشتگرد ڪمانڊر چيو ته بندش پيل ٽي ٽي پي جي انتظام ۽ خاص ڪري مالي معاملن پٺيان ڀارتي ڳجهو ادارو را موجود آهي، افغان حڪومت به ٽي ٽي پي کي مالي مدد، تربيت ۽ افرادي قوت فراهم ڪري رهي آهي، ٽي ٽي پي جا دهشتگرد افغانستان ۾ سرعام گهمي رهيا آهن

Leave A Comment