بلوچستان: پنجگور ۽ زوب ۾ سڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون: 5 دهشتگرد مارجي ويا

آگسٽ 30, 2024

سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پنجگور ۽ زوب ۾ انٽيليجنس بيسڊ ڪاررواين دوران سڪيورٽي  فورسز 5 دهشتگردن کي ماري  ڇڏيو، ڪارروايون 26 آگسٽ تي بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگردي بعد ڪيون ويون، گذريل رات جي ڪاررواين  دوران سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾3 دهشتگرد زخمي ٿي پيا، دهشتگردن جي ڪمل خاتمي تائين فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون، پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز قوم سان گڏ بيٺل آهي، بلوچستان جي امن ۽ ترقيءَ ۾ رڪاوٽن جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ  پرعزم آهيون

Leave A Comment