بلوچستان صورتحال تي اي پي سي گهرائڻ جو فيصلو: في الحال استعيفا واپس نه وٺندس: مينگل حڪومت ۽ اپوزيشن کي جواب ڏئي ڇڏيو
سيپٽمبر 5, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل کان استعيفا واپس وٺرائڻ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون، اختر مينگل استعيفا واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، حڪومت پاران اختر مينگل جي استعيفا قبول نه ڪرڻ جو فيصلو، حڪومت اسپيڪر کي اختر مينگل جي استعيفا تي ڪارروائي اڳتي نه وڌائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي تفصيل موجب وزير اعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله جي سربراهيءَ ۾ حڪومتي وفد سردار اختر مينگل کي مڃائڻ لاءِ سندس گهر پهچي استعيفا واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي پر اختر مينگل قومي اسيمبليءَ تان استعيفا واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. رانا ثناءُ الله سردار اختر مينگل جا خدشا وزير اعظم آڏو رکڻ جي خاطري ڪرائي . رانا ثناءُ الله جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومتي وفد ۾ طارق فضل چوڌري، اعجاز جکراڻي، خالد مگسي شامل هئا. ذريعن مطابق ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته وزير اعظم شهباز شريف سردار اختر مينگل سان پاڻ ملاقات ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم شهباز شريف پارليماني اڳواڻن جو اجلاس به گهرائيندو. جنهن ۾ بلوچستان جو مسئلو سرفهرست هوندو. ذريعن موجب سردار اختر مينگل جواب ڏنو ته پنهنجي پارٽي اڳواڻن ۽ ساٿين سان مشاورت بعد حتمي فيصلو ڪندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو ته اختر مينگل بلوچستان جو هڪ مضبوط آواز آهي. تنهن ڪري کائنس درخواست آهي ته پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪري. اختر مينگل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت مون کي نه پر مان حڪومت کي قائل ڪري ورتو آهي في الحال استعيفا واپس وٺڻ جو ڪو ارادو ناهي. ٻئي طرف اختر مينگل سان اپوزيشن وفد اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ۽ محمود اچڪزئي جي جي اڳواڻيءَ ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، صاحبزاده حامد رضا، اخونزاده حسين يوسفزئي. عامر ڊوگر ۽ روئوف حسن شامل هئا. تحريڪ انصاف جي وفد اختر مينگل کي استعيفا واپس وٺڻ جي درخواست ڪندي چيو ته قومي اسيمبليءَ مان استعيفا ڏيڻ واري فيصلي تي نظر ثاني ڪئي وڃي. تحريڪ انصاف جي وفد اختر مينگل کي پارليمينٽ اندر جدوجهد ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته استعيفا واپس وٺي پارليمينٽ اندر رهي گڏيل جدوجهد ڪريو. مخالف ڌر جي اڳواڻن بلوچستان جي موجوده صورتحال تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته موجوده حڪومت قومي اسيمبليءَ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻائي ڇڏيو آهي، بلوچستان مسئلي تي حڪومت پاران ڪا سنجيدگي ظاهر نه ڪئي وئي، بلوچستان ۾ سنگين نوعيت جون حالتون آهن. اختر مينگل چيو ته بلوچستان جو اصل مسئلو ڪو سمجهڻ ئي نٿو چاهي. بلوچستان جي مسئلي تي معنيٰ خيز بحث ٿيڻ گهرجي. عمر ايوب چيو ته مشڪل جي هن وقت ۾ بلوچستان جي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. هوڏانهن سياسي صورتحال تي غور لاءِ اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو اجلاس ٿيو، اپوزيشن اتحاد پاران بلوچستان صورتحال تي اي پي سي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ خصوصي دعوت باوجود اختر مينگل شريڪ نه ٿيو، سندس نمائندو ساجد ترين شريڪ ٿيو، اجلاس ۾ مزاڪراتي ڪاميٽي به جوڙي وئي جيڪا سياسي پارٽين سان اي پي سي جي حوالي سان رابطو ڪندي. اجلاس بعد اسد قيصر چيو ته بلوچستان صورتحال تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اختر مينگل مايوس ٿي قومي اسيمبلي مان استعيفا ڏني، سياسي ماڻهو مايوس ٿيندا ته پوءِ هن ايوان جو ڪو به فائدو ناهي، اتحاد جي سربراهه محمود اچڪزئي چيو ته بلوچستان سميت ملڪي مسئلن تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي آهي، حڪومت اي پي سي جا مطالبا نه مڃيا ته ملڪگير احتجاج ڪنداسين.