بلوچستان دهشتگردي: سي ٽي ڊي ٿاڻن تي ڪيس داخل، لاشن جي سڃاڻپ لاءِ نادرا سان رابطو

آگسٽ 28, 2024

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ دهشتگرد ڪارروائين جا ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب، موسيٰ خيل، بولان، مستونگ، لسٻيلي ۽ قلات ۾پيش آيل اٺ واقعن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڪيس دهشتگردي، قتل، قتل جي رٿا ۽ ٻين قلمن تحت داخل ڪيا ويا آهن. سي ٽي ڊي ذريعن موجب، واقعا ڪالعدم تنظيم طرفان ڪيا ويا، ڪا به گرفتاري عمل ناهي آئي، مارجي ويل ماڻهن جا مڙهه سڃاڻپ کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن. سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي مڙهن جي سڃاڻپ لاءِ نادرا سان رابطو ڪيو ويو آهي، دهشتگردن جي آڱوٺن جا نمونا نادرا ڏانهن موڪليا ويا آهن، ڪجهه دهشتگردن جا جسماني عضوا پنجاب فارنزڪ ليب موڪليا ويا آهن

Leave A Comment