بلوچستان جو برساتي پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ داخل، ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ، لڏپلاڻ

سيپٽمبر 2, 2024

سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار) بلوچستان  ۽ مختلف جابلو پٽين مان ايندڙ پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ داخل ٿيڻ بعد منڇر جي سطح ۾ لاڳيتو اضافو اچي رھيو آهي جنهن بعد منڇر جي سطح 17.2 آر ايل تي پھچي وئي آهي جنهن بعد منڇر جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آهن جڏهن ته سيوھڻ جي يونين ڪائونسل جھانگارا ڀرسان مسڻ واري سلوپ ۾ پاڻي اچڻ سبب ڳوٺ نيئنگ، ڪائي، بڊو جبل، ڀت جبل ۽ ڳوٺ شاھ حسڻ جو سيوھڻ شھر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. ٻئي طرف يونين ڪائونسل جھانگارا کي ڏنل سيفٽي رنگ بند جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ سبب ۽ منڇر ڍنڍ جي سطح ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ جي صورت ۾ جھانگارا شھر جي ٻڏڻ جو پڻ خطرو پيدا ٿي ويو آهي ۽ اھي پڻ چوٻول آهن ته  جھانگارا رنگ بند جي ڪم ۾ وڏي ڪرپشن ٿيڻ سبب ان جو ڪم مڪمل ٿي نه سگھيو آهي. يونين ڪائونسل جھانگارا جو چيئرمين  وڏي وزير جي حڪمن کي رد ڪري اسڪرين تان غائب ٿي ويو آهي. منڇر ۾ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافي بابت رابطو ڪرڻ تي آبپاشي کاتي جي انجنيئر امتياز ابڙو ٻڌايو ته سنڌو درياءَ ۾ لاٿ کان پوءِ منڇر جي پاڻي جو ڇوڙ درياءَ ۾ جاري آهي ۽ روزانو 5 کان 6 ھزار ڪيوسڪ پاڻي  درياءَ ۾ وڃي رھيو آهي، جڏهن ته بلوچستان سميت نئين گاج ۽ ٻين نئين مان پاڻي اچڻ سبب منڇر ۾ پاڻي وڌيو آھي، پر خطري جي ڳالھه ناھي، درياءُ لٿو آھي، منڇر جو پاڻي درياءَ ۾ آساني سان وڃي پيو اميد آھي، ڪجھه ڏينھن اندر حالتون معمول تي اچي وينديون.

Leave A Comment