ايران کان گيس وٺڻ تي پاڪستان تي پابنديون لڳي وينديون: آمريڪا جي ڌمڪي

سيپٽمبر 5, 2024

واشنگٽن(م ڊ) پاڪ ايران گيس پائيپ لائن منصوبي تي عالمي عدالت ۾ ايران جو ڪيس، آمريڪا جو موقف به اچي ويو، واشنگٽن واضح پاليسي اختيار ڪندي چيو ته منصوبو پورو ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان پابندي کي منهن ڏيندو. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ايران تي پابنديون مڙهڻ وارو سلسلو جاري رهندو، اهي ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيون هٽي سگهجن، هڪ صحافي ترجمان ميٿيو ملر کان پڇيو ته ايران پاڪستان کي گيس پائپ لائن منصوبي تي امڪاني 18 ارب ڊالر ڏنڊ جي نوٽيس کان خبردار ڪيو آهي جڏهن ته آمريڪا به پاڪستان کي خبردار ڪيو آهي ته منصوبو پورو ڪرڻ جي صورت ۾ پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو؟ جنهن تي آمريڪي ترجمان چيو ته يقينن ايران سان واپاري معاهدن تي غور ڪندڙ ڪو به ملڪ يا شخص آمريڪي پابندين کي منهن ڏيندا، پر گڏوگڏ پاڪستان جي بجلي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ به آمريڪا جي ترجيح ۾ شامل آهي ۽ اسان طرفان پاڪستان سان گڏوگڏ بجلي جي بحران تي ڪنٽرول لاءِ ڳالهيون جاري رهنديون.

Leave A Comment