ڌاڙيل آخري پساهن ۾ آهن، ميڊيا سنڌ کي اهڙو پيش ڪري ٿو جو هتي ڪير به نه اچي: مراد علي شاهه
آگسٽ 5, 2024
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته سنڌ جي شهرن مان اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي مان ڌاڙيلن جو خاتمو آڻينداسين، الائي ڪهڙا سبب آهن جو ڪراچي شهر ۽ صوبي کي اهڙي طرح پيش ڪيو وڃي ٿو جو هتي ڪير به نه اچي، ميڊيا وارا ڏوهاري ڪارروايون ته ڏيکارين ٿا پر شهيدن اهلڪارن کي نٿا ڏيکارين، ڌاڙيلن آخري پساهن ۾ آهن
ڪالهه ڪارساز تي واقع بحريه آڊيٽوريم ۾ يوم شهداءَ پوليس جي مک تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پوليس تي سڀ تنقيد ڪندا آهن، آئون به ڪڏهن ڪڏهن به ناراضگي جو اظهار ڪندو آهيان پر ڪو به انسان پنهنجي جان ڏيڻ نٿو چاهي، ايپل جي باني چواڻي ماڻهو جنت وڃڻ لاءِ به مرڻ نٿو چاهي، هي پوليس اهلڪار آهن، جيڪي 24 ڪلاڪ موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڊيوٽي ڪن ٿا
وڏي وزير چيو ته چيني قونصل خاني تي ٿيل حملي ۾ پوليس قربانيون ڏنيون اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ڪي پي او تي ٿيل حملن ۾ به پوليس فوري ريسپانڊ ڪيو ۽ قربانيون ڏنيون، 22 آگسٽ تي به پوليس شهر کي بچايو. گذريل سال هتي تقريب ۾ هئس، گذريل سال کان هن وقت تائين 29 اهلڪارن قربانيون ڏنيون
وڏي وزير چيو ته ڪچي ۾ بزدل ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، ڌاڙيل بزدل آهن جيڪي ٻارن کي ٻڌي تشدد ڪري وڊيو وائرل ڪن ٿا، ڌاڙيل بهادر ناهن، پوليس ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪيو، هاڻي ڌاڙيل ٻرن مان نڪري ڪارروايون ڪن ٿا ته جيئن پوليس جو مورال ڊائون ٿئي. تازو گهوٽڪي ۾ به 4 اهلڪار شهيد ڪيا ويا
جيئن گهرو وزير چيو ته ميڊيا ڏوهارين جون ڪارروايون ڏيکاري ٿي پر پوليس جون قربانيون نٿي ڏيکاري. ميڊيا وارا ان کي ڏيکارين ٿا ته هي ڏسو ڌاڙيل ٻار کي وڻ سان ٻڌي تشدد ڪن ٿا، هي ڏسو ڌاڙيل مغوي کي مارين ٿا، آئون پڇان ٿو ته ميڊيا وارا ڪيترا شهيد اهلڪار ڏيکاري چڪا آهن؟ سنڌ حڪومت سنڌ پوليس کي ياد ڪندي آهي پر ٻيا ياد نٿا ڪن. ڪاريون رڍون اسان سياستدانن ۾ به هونديون، بيوروڪريسي ۾ به هونديون، پوليس ۾ به هونديون، انهن جي ڪري اداري کي برو ڀلو چيو وڃي ٿو، شهيدن جي وارثن کي گهرائي حوصلا افزائي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ رڳو خرابيون ڏيکاريون وڃن ٿيون
وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ امن امان قائم ڪنداسين ، شهرن مان اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي مان ڌاڙيلن جو خاتمو آڻيندا سين..هن چيو ته تازو ڪراچي ۾ ٽوئرزم (سياحت ) جي حوالي سان رپورٽ آئي آهي پر اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. هن چيو ته ڪراچي چيمبر ۾ به اها ڳالهه ڪيم ته الائي ڪهڙا سبب آهن جو ڪراچي ۽ سڄي صوبي کي اهڙي طرح پيش ڪيو وڃي ٿو جو هتي ڪير به نه اچي، تازو بوهرن جي پير جي ياترا دوران 8 هزار انڊين سميت 40 هزار غير ملڪي آيا، اهي هڪ يا 2 ڏينهن نه پر 10 کان 12 ڏينهن لاءِ آيا، انهن شهر ۾ 300 ملين ڊالر خرچ ڪيا
ايندڙ سال هڪ لک ماڻهو ايندا، بوهري جماعت مون کي خط لکي تعريف ڪئي. هن چيو ته اڳ ۾ شهيدن جي وارثن کي هڪ ڪروڙ امداد ڏني ويندي هئي، اسان رينڪ جي حساب سان اها امداد هڪ ڪروڙ 75 لکن کان 7 ڪروڙ تائين ڪئي آهي، اسان جي 6، 7 مهينا حڪومت نه هئي، هاڻي وري حڪومت ۾ آيا آهيون
اهو معاملو لٽڪيل آهي، ايندڙ هفتي ڪابينا کان منظوري وٺنداسين، هتي ڪابينا جا ڪجهه ميمبر موجود آهن، جيڪي منهنجو ساٿ ڏيندا، پئسا نه هوندا ته ٻين هنڌن تان پئسا ڪٽي به هي ڪم ڪنداسين، پهرين جولائي 2023ع کان ڏينداسين، جن کي انهي عرصي ۾ مالي امداد ملي وئي، انهن کي وڌائي رقم ڏينداسين. تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته اسان جي حڪومت جو پهريون ٽارگيٽ امن امان بهتر ڪرڻ هو، آءِ جي سنڌ ۽ سندس ٽيم ڪافي حد تائين ڪامياب ٿيا
هن چيو ته جڏهن ڪنهن دهشتگرد يا ڏوهاري طرفان ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي ته ميڊيا ۾ خبر هلندي آهي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن دهشتگردن کي پڪڙين ٿا ته ميڊيا تي صرف ٽڪر هلي ٿو، ميڊيا جي دوستن کي چوندس ته ڏوهن کي ڀلي ڪور ڪريو پر پوليس ڏوهاري پڪڙي ٿي ته ان کي به ڪوريج ڏيو. هن چيو ته اسان کي ڊرون ٽيڪنالاجي طرف وڃڻو پوندو، جديد هٿيار خريد ڪرڻا پوندا، اسان پوليس جي ڊيمانڊ کڻي وڏي وزير يا پنهنجي قيادت طرف وڃون ٿا ته اهي قبول ڪن ٿا، پوليس لاءِ انشورنس پاليسي جي وڏي وزير منظوري ڏني، هاڻ اهلڪار نجي اسپتالن مان به بهتر علاج ڪرائي سگهندا، هن چيو ته ڪراچي ۽ نوابشاهه ۾ ڪيڊٽ ڪاليج ٺاهيندا سين، جن ۾شهيدن جا ٻار پڙهندا
شهيدن جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ ۾ حالتون بهتر ٿيون آهن، لساني ۽ سياسي تشدد ۾ گهٽتائي آئي آهي، ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ به گهٽتائي آئي، گڊو کان سکر تائين ڀنگ لاءِ اغوا جون شڪايتون آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم چيلنج آهي، ٿوري دهشتگردي به آهي، بلوچستان ۾ موجود دهشتگرد ڪراچي کي به ٽارگيٽ ڪن ٿا، قومپرست ڌرين (عليحدگي پسندن) جو رخ به دهشتگردي طرف ٿيوآهي ، اهي جهادي تنظيمن سان ملي ڪم ڪن ٿا
هن چيو ته اپر سنڌ جي سوسائٽي قبيلن تي مشتمل آهي، قبيلائي تڪرارن ۾ هڪ قبيلي جا ڏوهاري ٻئي قبيلي جي ماڻهن کي مارين ٿا ته پنهنجي قبيلي ۾ هيرو ٿي وڃن ٿا، انهي صورتحال ۾ پوليس ڪا ڪارروائي ڪندي آهي ته اها ڪارروائي قبيلي خلاف ڪري رهي هوندي آهي. هن چيو ته دنيا وانگر ملڪ توڙي سنڌ ۾ به معاشي صورتحال خراب آهي، ڪراچي جي فيڪٽرين مان لکين ماڻهو بيروزگار ٿيا، مهانگائي به وڌي آهي، ان صورتحال ۾ ڏوهن ۾ اضافو ٿيڻو آهي، انهي حقيقت کي مڃڻو پوندو. آءِ جي سنڌ وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته حڪومت ٽارگيٽ ڏيندي آهي پر دنيا وانگر ٽيڪنالاجي هجي، جديد هٿيار ۽ بهترين تربيت نه ملندي ته پوءِ پوليس گهربل ڪارڪردگي نه ڏئي سگهندي. تقريب ۾ سياست، بزنس، شوبز سميت ٻين شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن ۽ شهيدن جي وارثن به شرڪت ڪئي