بنگلاديش ۽ ايران بابت هندستاني ۽ اسرائيلي الزام رد، نشانو نه بڻايو، آمريڪي ڪانگريس ڪردار نڀائي: پاڪستان

آگسٽ 10, 2024

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ايران کي شاهين ٿري ميزائيل فراهم ڪرڻ وارين خبرن کي ڪوڙو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ اسرائيلي اخبار يروشلم پوسٽ جي خبر جي ترديد ڪندي چيو ته اهڙا اطلاع ڪوڙا آهن، اسرائيلي اخبار پاران مختلف عرب ذريعن کان ڏنل خبر ۾ چيو ويو ته اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جي صورت ۾ پاڪستان پاڙيسري ملڪ ايران کي شاهين ٿري ميزائيل فراهم ڪندو، پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته اهڙن بي بنياد اطلاعن تي ڌيان ڏيڻ کان اڳ اهو اهم آهي ته انهن جي پٺيان لڪيل ڪڌي ايجنڊا کي ڏٺو وڃي، وچ اوڀر ۾ اڃا نازڪ صورتحال جاري آهي، اسان ميڊيا سميت سمورين ڌرين کي گذارش ڪنداسين ته فيڪ نيوز پکيڙڻ کان پاسو ڪن، ممتاز زهريٰ بلوچ بنگلاديش جي واقعن ۾ ملوث هئڻ وارن الزامن تي ٻڌل ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن کي به رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي ترجمان چيو ته اهڙيون رپورٽون پاڪستان جي باري ۾ ڀارت جي ذهني جنون جي عڪاسي ڪن ٿيون

Leave A Comment