بنگلاديشي صدر پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي، شاگردن طرفان ڊاڪٽر يونس عبوري سربراهه نامزد، آمريڪا ۽ برطانيا جو شيخ حسينه کي قبولڻ کان انڪار
آگسٽ 6, 2024
ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي صدر محمد شهاب الدين شاگردن جي مطالبي تي پارليمينٽ ٽوڙي ڇڏي، شاگرد تحريڪ صدر محمد شهاب الدين کي منجهند 3 وڳي تائين پارليامينٽ ٽوڙڻ جو الٽيميٽم ڏنو هو، الٽيميٽم جو وقت پورو ٿيڻ کان اڳ صدر پارليمينٽ ٽوڙي ڇڏي، شاگرد تحريڪ جو ملڪ ۾ فوجي حڪومت قبول ڪرڻ کان انڪارڪندي نوبل انعام يافته ڊاڪٽر محمد يونس جي قيادت هيٺ عبوري حڪومت ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن ناهيد اسلام، آصف محمود ۽ ابوبڪر مازوم دار چيو آهي ته ڊاڪٽر يونس عبوري حڪومت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر محمد يونس طرفان جلد وطن اچڻ جو اعلان ڪيو ويو. بنگلاديش ۾ پرتشدد مظاهرن دوران مارجي ويلن جو انگ 500 کان وڌي ويو، ڪاوڙيل ماڻهن جيل تي حملو ڪري 500 قيدي فرار ڪرايا، هجوم جو شور ضلعي ۾ عوامي ليگ جي جنرل سيڪريٽري شاهين چڪلدار جي زبير انٽرنيشنل هوٽل کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ انڊونيشيائي شهري سميت 24 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا. 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. بنگلاديش ميڊيا موجب پوليس سان جهڙپن ۾ ساور ۽ ڌامرئي ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا، اترا واري علائقي ۾ 10 ماڻهو ماريا ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، نامعلوم هٿياربندن احتجاج ڪندڙن مٿان فائرنگ ڪري ڏني گوليون اترايسٽ پوليس اسٽيشن مان هلايون ويون، جوابي ڪارروائي ۾ ڪاوڙيل ماڻهن ٿاڻي کي به باهه ڏني. حبي گنج ۾ احتجاج ڪندڙن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون 6 ماڻهو مارجي ويا. مختلف اسپتالن ۾ اڄ ٿيندڙ موتن جو تعداد 100 کان وڌي ويو، ائين پرتشدد مظاهرن دوران مارجي ويلن جو انگ 500 کان ٽپي ويو.
ڍاڪا/ نئين دهلي/ لنڊن/ واشنگٽن(م ڊ) بنگلاديش جي استعيفيٰ ڏيندڙ وزيراعظم شيخ حسينه واجد لاءِ ڏکيا ڏينهن شروع ، اهم دوست ملڪ منهن موڙي ويا، برطانيا به کيس سياسي پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته آمريڪا طرفان ويزا منسوخ ڪئي وئي، مودي سرڪار حسينه واجد کي سياسي پناهه ملڻ تائين هندستان ۾ ئي رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، بنگلاديش جي صورتحال تي هندستان ۾ آل پارٽيز اجلاس ٿيو جنهن ۾ هندستاني پرڏيهي وزير ٻڌايو ته شيخ حسينه جو هندستان اچڻ سٺو قدم آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ راهول گانڌي جي بنگلاديشي بحران ۾ غير ملڪي هٿ جي ملوث هجڻ جي سوال تي جي شنڪر جو چوڻ هو ته ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ في الحال ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. هندستاني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته چونڊيل برطانوي وزيراعظم ملڪي پاليسي سبب حسينه واجد کي سياسي پناهه کان معذرت ڪري ڇڏي، نئين پاليسي تحت سياسي پناهه لاءِ پهرين برطانيا بدران ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ عارضي قيام ڪرڻو پوندو جتان ان جي هلت چلت ۽ پناهه جي مقصدن جو اندازو لڳايو ويندو آهي پوءِ ان کي سياسي پناهه ڏني ويندي آهي. ان ڪري ئي برطانيا في الحال حسينه واجد کي سياسي پناهه نه ٿي ڏئي. هندستاني ميڊيا اها به دعويٰ ڪندي چيو آهي ته آمريڪا شيخ حسينه واجد جي منسوخ ڪئي آهي. ان حوالي سان آمريڪا طرفان ڪو به تبصرو سامهون ناهي آيو. جڏهن ته مودي سرڪار شيخ حسينه سان دوستي جو ڀرم رکندي ان کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سياسي پناهه ملڻ تائين هندستان ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وئي.
تشدد سٺو، لاپته ٿيو: ناهد اسلام شاگرد تحريڪ جو هيرو ۽ روح روان
ڍاڪا: بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج جي قيادت ڪندڙ شاگرد اڳواڻ ناهد اسلام هن وقت ميڊيا تي ڇانيل آهي ۽ هو عبوري حڪومت جي جوڙجڪ واري معاملي ۾ نمايان نظر اچي رهيو آهي. شاگرد تحريڪ جو اڳواڻ ناهد اسلام ڪير آهي؟ ناهد اسلام بنگلاديش ۾ تازن مظاهرن جو اڳواڻ ۽ ڪوٽا سسٽم خلاف شاگرد تحريڪ جو روح روان آهي، سندس قيادت ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف شروع ٿيل تحريڪ وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي ڊگهي اقتدار جي خاتمي جو سبب بڻي. ناهد اسلام ڍاڪا يونيورسٽي جي سوشيالوجي شعبي جو شاگرد ۽ انساني حقن جو متحرڪ ڪارڪن پڻ آهي، ان سان گڏوگڏ هو سڄي ملڪ ۾ شاگردن جي تحريڪ جي قومي سطح تي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، ڪوٽا سسٽم خلاف تحريڪ دوران ناهد اسلام کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو. ناهد 20 جولاءِ تي دعويٰ ڪئي هئي ته پوليس کيس اغوا ڪرڻ کانپوءِ تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته پوليس سندس اغوا ۽ تشدد وارو الزام رد ڪري ڇڏيو هو، ان کانسواءِ ناهد 26 جولاءِ تي به اِها دعويٰ ڪئي هئي ته کيس مقامي اسپتال مان علاج دوران ساده ڪپڙا پهريل ماڻهو گرفتار ڪري ويا هئا.
“امن بحال ڪرايو” هندستان جو بنگلاديش جي فوجي قيادت سان رابطو
نئين دهلي(م ڊ) بنگلاديش ۾ شاگردن جي پُرتشدد احتجاج سبب وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ بعد ملڪ ڇڏي ڀارت آمد تي ڀارتي سياسي، سفارتي ۽ صحافتي حلقن ۾ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم نريندي جي صدارت هيٺ قومي سلامتي بابت ڪابينا ڪاميٽي جي ٿيو جنهن ۾ گهرو وزير امت شاهه، دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه، پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر، ناڻي واري وزير نرملا سيتارمن، قمي سلامتي بابت مشير اجيت ڊوول ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر وزيراعظم کي بنگلاديشي جي تازه ترين صورتحال بابت آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ ڀارت بنگلاديشي فوجي قيادت کي اپيل ڪئي آهي ته هو بنگلاديش ۾ امن قائم ڪري ۽ صورتحال کي معمول تي آڻي.
شاگردن کان معافي: تحفظ ڏيو، بنگلاديشي پوليس هڙتال تي هلي وئي
ڍاڪا: بنگلاديش ۾ پوليس سروس ايسوسيئيشن پوليس اهلڪارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تائين هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪانسٽيبل کان انسپيڪٽر رينڪ تائين جي اهلڪارن جي نمائندن تنظيم جو چوڻ آهي ته پوليس فورس جي طور تي معصوم شاگردن سان ڪيل ورتاءَ تي معافي گهرون ٿا.سومر تي شيخ حسينا جي استعيفيٰ ۽ ملڪ مان روانگي کانپوءِ مظاهرين 450 کان وڌيڪ ٿاڻن کي نشانو بڻايو هو، ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي هئي
ڀارتي نجومڻ 2 سال اڳ شيخ حسينه حڪومت وڃڻ جي اڳڪٿي ڪئي
نئين دهلي(م ڊ) وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندڙ عوامي ليگ جي اڳواڻ شيخ حسينه واجد جي حڪومت ختم ٿيڻ بابت هڪ هندستاني عورت نجومڻ شروتي دويدي فيبروري 2022 ۾ اڳڪٿي ڪئي هئي جيڪا سچ ثابت ٿي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ هن دعويٰ ڪئي ته جولاءِ 2024 ۾ بنگلاديش ۾ ايندڙ انقلاب ۽ شيخ حسينه واجد جي زوال جي اڳڪٿي مون پهرين ڪري ڇڏي جنهن جو ثبوت ٽوئيٽر تي پڻ شيئر ڪيو آهي. اسڪرين شارٽ ۾ اهو واضح لکيل هو ته آئون صرف ذريعو آهيان، ڪرڻ وارو ڪم مٿان جو آهي.