بنگلاديش ۾ شاگردن حڪومت ڪيرائي وڌي: وزيراعظم شيخ حسينه استعيفا ڏئي ڀارت فرار، فوج پاران عبوري حڪومت جو اعلان، خالده ضياءَ آزاد

آگسٽ 5, 2024

ڍاڪا: (م ڊ) بنگلاديش ۾ عوامي احتجاج رنگ لاٿو، وزيراعظم حسينه واجد عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ ڍاڪا کان پنهنجي رهائشگاهه ڀارت پهچي وئي، جتان کان برطانيه وڃڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. برطانوي ميڊيا موجب بنگلاديشي وزيراعظم حسينه واجد کي آرمي چيف 45 منٽن جي ڊيڊ لائن ڏني هئي، بنگلاديش جي آرمي چيف وقارالزمان قوم کي خطاب ۾ ملڪ ۾ عبوري حڪومت جي قيام جو اعلان ڪيو. برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب حسينه واجد ۽ ان جي ڀيڻ(وزيراعظم جي سرڪاري رهائشگاهه) تان فوجي هيليڪاپٽر ۾ ڀارت هلي  وئي. روڊن تي پوليس ۽ فوج  جو وڏو انگ موجود آهي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي طرفان اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته شيخ حسينه واجد جي استعيفا ڏيڻ تي بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا جي روڊن تي مظاهرين جشن ملهائي رهيا آهن. هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش ۾ هن وقت 4 لک ماڻهو روڊن تي موجود آهن. ڀارتي ميڊيا موجب شيخ حسينه واجد ڀارتي شهر اگرتله پهتي ۽ ڀارت کيس محفوظ رستو ڏيڻ لاءِ تيار آهي.  بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفا بعد آرمي چيف ملڪ ۾ عبوري حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. هوڏانهن بنگلاديش جي آرمي چيف وقارالزمان جو چوڻ آهي ته ملڪ کي گڏيل حڪومت جي ذريعي هلايو ويندو. بنگلاديش جا سمورا فيصلا فوج ڪندي، بنگلاديشي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته انهن جا سمورا مطالبا پورا ڪيا ويندا. بنگلاديش جي آرمي چيف چيو ته عبوري حڪومت جي قيام لاءِ ڳالهيون جاري آهن. صدر سان جلد ملاقات ڪندس، ملاقات ۾ عبوري حڪومت جي قيام تي به ڳالهيون ڪيون وينديون. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بنگلاديش نيشلسٽ پارٽي(بي اين پي) سميت وڏين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪيون آهن. عبوري حڪومت جي قيام لاءِ عوامي ليگ کان سواءِ سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ٿيون آهن. بنگلاديش جي آرمي چيف عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي. ٻئي طرف بنگلاديش جي صدر حسينه واجد دور ۾ گرفتار ڪيل اپوزيشن اڳواڻ خالده ضيا سوڌو 11 هزار مظاهرين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، بنگلاديش جي صدر محمد شهاب الدين جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، اپوزيشن اڳواڻ خالده ضياءَ سوڌو 11 هزار ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، صدر پاران خالده ضياءَ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، خالده ضياءَ کي 2018 ۾ رشوت جي ڏوهه ۾ 17 سال قيد جي سزا ٿي هئي، خالده ضياءَ اپوزيشن پارٽي بنگلاديش نيشنل پارٽي جي اڳواڻ آهي، جڏهن ته شاگردن جي احتجاج دوران گرفتار ٿيل سمورن مظاهرين جي آزادي جو به فيصلو ڪيو ويو، 11 هزار کان وڌيڪ مظاهرين گرفتار ڪيا ويا هئا، صدارتي اجلاس ۾ جماعت اسلامي سوڌو مختلف پارٽين شرڪت ڪئي، آرمي چيف به موجود هو، خالده ضياءَ جي آرمي چيف سان ملاقات ٿي آرمي چيف ڪيترن ئي سياستدانن سان ملاقاتون ڪيون ، جنهن بعد خالده ضاءَ چيو ته عوام پرامن رهي، عوامي ليگ جي حڪومت ڪِرڻ جو مطالبو پورو ٿي چڪو آهي، هوڏانهن بنگلاديش ۾ مظاهرين ملڪ جي باني شيخ مجيب الرحمان جا ڊاهي ڇڏيا، مجسمن جي بيحرمتي ڪئي وئي، مجسمن کي جوتن جا هارا به پارايا ويا، وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفا ڏئي ملڪ مان نڪري وڃڻ بعد مظاهرين سندس سرڪاري رهائشگاهه ۾ داخل ٿي ويا، مظاهرين ملڪ جي باني شيخ مجيب الرحمان جي مجسمي تي هٿوڙن سان حملو ڪري ڏنو، ڪاوڙيل  هجوم بنگلاديش جي وزيراعظم جي  کي گهر به ڀڃي ڇڏيو، عوامي ليگ آفيس ۽ مجيب الرحمان جي ميوزم کي باهه ڏني وئي. گهرو وزير اسد الزمان ڪمال جي گهر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، هزارين مظاهرين گيٽ ٽوڙي گهرو وزير جي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ باهه ڏني، واقعن ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع نه مليا، ڪاوڙيل ماڻهو وزيراعظم حسينه واجد جي گهر ۾ ڪاهي پيا، سرڪاري رهائشگاهه ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪجهه احتجاج ڪندڙ سرڪاري رهائشگاهه مان ڪرسيون ۽ صوفا کڻي وڃي رهيا آهن. جڏهن ته فوج اڄ کان ڪرفيو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ٻئي طرف شاگرد اڳواڻ ناهيد اسلام چيو آهي ته حڪومت جو خاڪو اسان پيش ڪنداسين، فوجي حمايت يافته يا صدارتي حڪومت قبول نه ڪنداسين، 24 ڪلاڪن ۾ عبوري حڪومت جون تجويزون پيش ڪنداسين، اسان جي حمايت بنا ٺاهيل حڪومت قبول نه ڪنداسين، پريس ڪانفرنس ڪندي شاگرد اڳواڻن چيو ته حڪومت ۾ تحريڪ هلائيندڙن جو حصو هوندو،  جيڪي نالا ڏينداسين اهي حڪومت ۾ هوندا، سول سوسائٽي سميت سڀني جي نمائندگي هوندي.  پرڏيهي ميڊيا موجب وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي لفٽ نه ملڻ تي هاڻي هن  برطانيا ۾ پناهه وٺڻ جي خواش ظاهر ڪئي آهي. هندستاني ميڊيا ذريعن موجب حسينه واجد جو جهاز هندستان جي هنڊن ايئرپورٽ تي لٿو، جتي ان ۾ تيل ڀريو ويندو جنهن کانپوءِ اتان کان لنڊن لاءِ روانو ٿيندو. بنگلاديش مان فرار ٿي هندستان پهچندڙ اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم حسينه واجد هندستاني قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت ڊوول سان ملاقات ڪئي. هندستاني ميڊيا موجب حسينه واجد سي 130 جهاز تي ڀيڻ سان گڏ هندستان ايئربيس پهتي، جهاز جي هندستاني هوائي حدن ۾ هندستاني ايئرفورس ۽ سيڪيورٽي ايجنسين نگراني ڪئي. ملاقات دوران بنگلاديش جي تازي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

”فال آف ڍاڪا پارٽ 2“: نوجوانن جي دلين ۾ آزادي جي باهه انقلاب جي نئين شمع ٻاري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ)  ”فال آف ڍاڪا پارٽ 2“ آهي، ٽُوئيٽر تي پاڪستاني صارفين مختلف تبصرا ڪيا. هر ماڻهو مختلف ڳالهيون ڪيون. معيز لکي ٿو ته گوليون سيني کي پروڻ نه ڪري سگهيون، طاقت عوام کي ڪُچلي نه سگهي، نوجوانن جي دلين ۾ آزادي جي باهه انقلاب جي نئين شمع ٻاري ڇڏي، هڪ صارف چوي ٿو ته آخرڪار پاڪستاني سپورٽر کٽي ويا، هندستاني نواز حسينه واجد هارائي وئي، مبارڪ هجي بنگلاديشين کي، ثنا مير چوي ٿي ته انشاءَ الله اهڙا لمحا هاڻي پاڪستان ۾ به شروع ٿيندا. صحافي اسد طور طرفان بنگلاديشي عوام جي ڪاميابي تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. مزاحمت خلاف بنگلاديش تاريخ رقم ڪري ڇڏي، صحافي علينه شگري چوي ٿي ته بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جو عوام مجسمو ٽوڙيو آهي. وقار خان لکي ٿو ته بنگلاديش جو ظلي شاهه پنهنجي جان ڏئي قوم کي جاڳائي ويو. محمد سعد چوي ٿو ته بهادر شاگردن حسينه واجد جي ڊڪٽيٽرشپ جو خاتمو ڪيو، گڏوگڏ هندستاني پراڪسي کي به ختم ڪري ڇڏيو. هڪ صارف مشهور اداڪار مرحوم معين اختر جي پروگرام جي تصوير شيئر جنهن  ۾ لکيو ته اسان ته کٽي ويا سين توهان پنهنجو ٻڌايو جنهن تي صارف تبصرو ڪيو ته توهان کٽي ويا.

شيخ حسينه رڳو ڪجهه بيگون کڻي سگهي، روانگي جا منظر فلمبند

ڍاڪا: وزيراعظم حسينه واجد جي ملڪ کان فرار ٿيڻ جا منظر سامهون اچي ويا، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ان جي سامان ۾ صرف ڪجهه بيگز هئا جن کي هيليڪاپٽر ۾ لوڊ ڪيو ويو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هوءَ تمام گهڻي پريشان نظر آئي،

پرتشدد مظاهرن ۾ مارجي ويلن جو انگ 300 ٿي ويو، سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون، 11 هزار ماڻهو گرفتار

ڍاڪا: بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جي سول نافرماني واري تحريڪ جي اعلان کانپوءِ پرتشدد مظاهرن ۾ مارجي ويلن جو انگ 300 تائين پهچي ويو آهي، 11 هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪرفيو باوجود ڍاڪا ڏانهن مارچ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊاڪٽرن ۽ پوليس هن وقت تائين شاگردن جي احتجاج دوران جهڙپ ۾ 300 ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ تازو ڇڪتاڻ پڻ ٿي، جنهن ۾ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ ٻين هٿيارن جو استعمال ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، حسينه واجد جي استعيفيٰ کانپوءِ احتجاجي تحريڪ جو رخ ئي مٽجي ويو.

تڪڙ ۾ نڪرو: حسينه واجد کي پنهنجو پچايل کاڌو به نصيب نه ٿيو

ڍاڪا: حسينه واجد پنهنجي لاءِ گهر ۾ مرغي جو ٻوڙ پچايو هو، کيس پيغام موڪليو ويو ته صورتحال ڪنٽرول مان ٻاهرنڪري چڪي آهي، وزارت عظميٰ جو عهدو ڇڏڻ سان گڏ ملڪ ڇڏي وڃو، ائين هوءَ تڪڙ ۾ نڪري وئي، کيس پڪل کاڌو به نصيب نه ٿي سگهيو.

حسينه واجد سخت مايوس، هاڻي سياست ۾ واپس نه ايندي: پُٽ

ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي استعيفيٰ ڏيندڙ وزيراعظم جي پٽ سندس انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي صلاحڪار صجيب واجد چيو آهي ته حسينه واجد جڏهن اقتدار سنڀاليو هو ته ان وقت بنگلاديش هڪ غريب ملڪ ۽ ناڪام رياست هئي. برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حسينه واجد تمام گهڻو مايوس آهي ۽ هاڻي هوءَ سياست ۾ واپس نه ايندي. احتجاج ڪندڙن خلاف حڪومت جو ردعمل بلڪل درست هو. هن وڌيڪ چيو ته والده حسينه واجد بنگلاديش کي ترقي ڏئي ايشيا کي اڀرندڙ ٽائيگرن ۾ شامل ڪيو.

احتجاج ڪندڙ شيخ حسينه واجد جي بيڊ تي سمهي پيا، ٻڪريون ڪاهي ويا

ڍاڪا: احتجاج ڪندڙ تمام گهڻا بکايل هئا، وزيراعظم هائوس ۾ ڪاهه ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کانپوءِ کاڌي تي ڪڙڪي پيا، ان حوالي سان ڪجهه وڊيو سامهون آيون آهن. جن ۾ ڪجهه وزيراعظم هائوس ۾ مڇي ۽ برياني کائي رهيا آهن، ڪجهه وزيراعظم جي بيڊ تي ليٽي پيا، ڪجهه ماڻهو ٽيليويزن، ڪرسيون ۽ ٻيو فرنيچر کڻي وڃي رهيا هئا، ڪن ته مڇيون، ٻڪريون ۽ بدڪون به کنيون.

بنگلاديش ۾ هنگاما پاڪستان جي 9 مئي جهڙا هئا: بنگلاديشي ٽي وي

ڍاڪا: بنگلاديش ۾ ٿيندڙ تازن پرتشدد مظاهرن، هنگامن ۽ ڦرلٽ جي واقعن ۽ پاڪستان ۾ 9 مئي تي جناح هائوس ۾ پيش ايندڙ ڦرلٽ جي واقعن ۾ هڪجهڙائي ڏٺي وئي. بنگالي نيوز چينل موجب شاگرد تحريڪ جي لانگ مارچ ٽو ڍاڪا ۾ لکين ماڻهو ڪرفيو ٽوڙي گادي واري هنڌ رستن تي اچي ويا. ڪاوڙيل هجوم سرڪاري ملڪيتن وزيراعظم هائوس اندر ڪاهي پيا ۽ اندر ڀڃ ڊاهه ڪري ڏني.

Leave A Comment