ڪي پي ۾ ڪو آپريشن نه پيو ٿئي، دهشتگردن خلاف ڪارروائي پوليس ۽ سي ٽي ڊي ڪندي: اپيڪس ڪميٽي
جُولاءِ 25, 2024
پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ صوبائي اپيڪس ڪاميٽي ۽ بنون امن جرڳي جي ميمبرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ جرڳي جا مطالبا قبول ڪيا ويا آهن. بنون واقعي تي خيبرپختونخوا جي اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت جو اهم اجلاس ٿيو، وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي جڏهن ته بنون امن جرڳي جا مطالبا پيش ڪرڻ لاءِ پنج ميمبر به اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ هئا. اجلاس کانپوءِ بنون امن جرڳي جي ميمبرن ۽ صوبائي وزير پختون يار خان ٻڌايو ته امن جرڳي جا سمورا مطالبا مڃي ورتا آهن، اپيڪس ڪميٽي ۾ سندن سمورا خدشا ختم ڪيا ويا آهن. اپيڪس ڪميٽي جي گڏيل پڌرائي به جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد هر صورت ۾ قابلِ مذمت آهن، سندن خلاف ڪارروائي ٿيندي، پوليس هٿياربند گروپن جي آفيسن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪندي. پڌرائي موجب، اجلاس ۾ عسڪري ادارن واضح ڪيو ته ڪي پي ۾ ڪو به آپريشن ناهي ٿي رهيو، دهشتگرد عنصرن خلاف ڪارروائي پوليس ۽ سي ٽي ڊي ڪندي، سرحد جي ويجهو اهڙن علائقن ۾ جتي پوليس ڪارروائي نه ڪري سگهي اتي فوج جي مدد ورتي ويندي، پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن هر وقت گشت کي يقيني بڻايو ويندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بنون واقعي ۾ ڪجهه ڌرين سرڪاري ادارن تي بنا سبب تنقيد ڪئي، بنا جواز تنقيد سبب آفيسرن ۽ جوانن جي دل آزاري ٿي، اپيڪس ڪميٽي جي راءِ ۾ اهڙي قسم جي رويي جي گنجائش ناهي. پڌرائي موجب، عوام ۽ ادارن وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن غلط فهميون پيدا ٿي وينديون آهن، ان جو ترت حل ضروري آهي، ڪمشنر جي سطح تي ڪميٽيون مقرر ٿينديون، عوامي نمائندا، سول، عسڪري ۽ پوليس جا نمائندا ان ۾ شامل هوندا. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪميٽي ڪنهن به واقعي يا مسئلي تي فوري جرڳو سڏائيندي ۽ عمل جوڳو حل ڪڍيو ويندو.