بينظير جي پ پ بچائڻ چاهيون ٿا، فارورڊ بلاڪ نه پيا ٺاهيون: مخدوم جميل الزمان
آگسٽ 22, 2024
راڻيپور (ن پ ا) سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آھي ته اسان ادارا بچائڻ چاھيون ٿا، شھيد راڻي جي پ پ کي بچائڻ جي لاءِ نڪتا آھيون، سنڌ جون حالتون تمام خراب ٿي چڪيون آهن، ملڪ خاطر هم خيال پراڻن پ پ ڪارڪنن کي ساڻ ڪري چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڊ گورنس کي بحال ڪرڻ لاءِ روبرو ملاقات ڪنداسين، هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ چيئرمين کي اسان جي ڳالھه جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، سنڌ جون حالتون خراب ٿي چڪيون آهن، اغوا، ڦرون ۽ اقليتي ماڻھن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، ان تي آرمي چيف کي اپيل ڪئي آهي ته امن امان جي صورتحال خراب ٿي چڪي آهي، اسان جي مدد ڪيو، سنڌ جا ماڻھو اغوا ٿي رهيا آهن، جيئن ٻوڏ يا ٻين مرحلن ۾ آرمي اسان جي مدد ڪندي آهي، اهڙي طرح هاڻي به اسان جي آرمي مدد ڪري ملڪ جا ادارا اسان جا پنهنجا آھن، پي آءِ اي سميت ٻيا ادارا اسان جي سڃاڻپ آھن، اسان انهن کي ڪڏھن به وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين، هاڻي اسان سنڌ جي هر ان ماڻھو تائين وينداسين جيڪي اصل پ پ کي بچائڻ ۾ مدد ڪندا، مخدوم جميل چيو ته اسان پ پ ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه پيا ٺاهيون، اسان جو مقصد چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم بڻائڻ آهي، رڳو سنڌ جي ووٽن تي وزيراعظم نه ٿيندو، پر پوري پاڪستان مان اڪثريت حاصل ڪرڻي پوندي، جڏھن ته سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن ۾ پ پ ختم ٿي چڪي آهي، ان کان اڳ مخدوم جميل الزمان پ پ ايم اين اي فضل شاهه سان سندن امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، فضل شاهه ان موقعي تي چيو ته ملڪ ۾ 99 سيڪڙو ڪوڙ ۽ هڪ سيڪڙو سچ ڳالهايو وڃي ٿو، پارٽي ۾ اسان جي خلاف وڏيون سازشون ڪيون ويون آهن، هن چيو ته پ پ جا باني ڪارڪن اسان آھيون اسان پارٽي کي ڪڏھن به ٽوڙڻ نه ڏينداسين، ڪو به فاروڊ بلاڪ نه پيا ٺاهيون، اسان ادارن ۽ ملڪ کي بچائڻ وارن مان آھيون.