بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو وٺندڙن جا اڪائونٽ کوليا وڃن: صدر آصف علي زرداري
جُولاءِ 30, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪرڻو پوندو، پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ پروگرام مان فائدو وٺندڙن جو انگ وڌايو وڃي، صدر پاران گوادر ۾ بينظير انڪم سپورٽس پروگرام جي آفيس قائم ڪرڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن کي هدايت ڪئي آهي. صدر آصف علي زداري بينڪن پاران بينظير ڪارڊ هولڊرز کان 0.45 سيڪڙو سروس چارجز جي ڪٽوتي جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته سروس چارجز معاف ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سان رابطو ڪيو ويندو، بئنڪن کي چيو وڃي ته انڪم سپورٽس پروگرام مان فائدو وٺندڙن جا اڪائونٽ کوليا وڃن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينه خالد صدر آصف علي زرداري کي بينظير ڪفالت، تعليمي وظيفه، انڊر گريجوئيٽ شاگردن لاءِ اسڪالرشپ ۽ نشو نما پروگرامن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال دوران انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 598.718 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، بينظير ڪفالت پروگرام فليگ شپ پروگرام آهي، ڪفالت پروگرام تحت سڄي پاڪستان ۾ غير مشروط نقد رقم مستحق عورتن ۽ خواجه سرائن کي فراهم ڪئي پئي وڃي، بينظير ڪفالت پروگرام لاءِ مالي سال 25-2024ع دوران 93 لک مستحق خاندانن لاءِ 461 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، اسڪولن ۾ داخلا وڌائڻ، گهٽ آمدني وارن خاندانن جي ٻارن کي تعليم جي فراهمي لاءِ 77.18 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، بينظير ايجوڪيشن اسڪالر شپ پروگرام مان 97 ٻار فائدو حاصل ڪري سگهندا، انڊر گريجوئيٽ پروگرام لاءِ اسڪالر شپ تحت 10 هزار شاگردن کي اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ لاءِ 1.7 ارب رپيا رکيا ويا آهن، صدر زرداري کي بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 20 حامله کير پياريندڙ عورتن ۽ انهن جي ننڍڙن ٻارن کي غذائي کوٽ ۽ واڌ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص کاڌو پڻ فراهم ڪيو پيو وڃي. 2022 جي ٻوڏ دوران بينظير انڪم سپورٽس پروگرام سڄي پاڪستان ۾ 27 لک ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ 70 ارب رپيا ورهايا.