بهترين معاشي پاليسين سبب استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مَي 6, 2024

هاڻي نجي شعبي کي ملڪ هلائڻو پوندو، حڪومت جو ڪم فريم ورڪ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ هوندو، بهترين معاشي پاليسين سبب استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي، 10 سالن کان پاڪستان جي ڪرنسي ۾ استحڪام آيو آهي، مٽا سٽا جي ناڻي وارن ذخيرن ۾ درجيوار اضافو ٿي رهيو آهي: ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو اسلام آباد ۾ پاڪ سعودي سيڙپڪاري فورم 2024 جي افتتاحي تقريب کي خطاب، محمد اورنگزيب چيو ته اسان کي پنهنجي ايڪسپورٽ وڌائڻي آهي، توانائي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، وقت اچي ويو آهي ته نجي شعبي کي فرنٽ سيٽ تي ويهاريو وڃي، سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري نائب وزير ابراهيم بن يوسف المبارڪ خطاب ڪندي چيو ته سعودي عرب پاڪستان کي معاشي طور مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو، پاڪستان سعودي عرب جي نظر ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ مناسب ملڪ آهي، سعودي ولي عهد جي هدايت تي گذريل ڏينهن سعودي عرب جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان پهتو هو، اسلام آباد ۾ جاري ٽن ڏينهن واري پاڪ سعودي ڪانفرنس دوران توانائي، خوراڪ، ڪيميڪل، گوشت ۽ کاڻين جي شعبن ۾ سهڪار جا معاهدا ٿيڻ جا امڪان

Leave A Comment