بهترين ڪارڪردگي تي مختلف شخصيتن کي لطيف ايوارڊ

آگسٽ 23, 2024

ڀٽ شاھ: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايڇ ٽي سورلي هال ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي عرس مبارڪ جي پڄاڻي تي لطيف ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ بهترين ڪارڪردگي تي مختلف شخصيتن کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جو صوبائي صلاحڪار نجمي عالم سميت ٻيا موجود هئا. تقريب کي مختصر خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته شاهه لطيف جي عرس مبارڪ جي تقريب ۾ شريڪ آهيان، سندس پيغام کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي، شاهه لطيف جي شاعري ۾ محبت جو درس آهي، لطيف سائين نه صرف پنهنجي ڌرتي پر پوري عالم لاءِ دعا ڪئي. وڏي وزير چيو ته هن وقت فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ ٿي رهيو آهي اسان گڏيل قومن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي امن جي پيغام کي سمجهن. وڏي وزير بهترين ڪارڪردگي تي درگاهه جي بهترين راڳي جو ايوارڊ سيد سجاد حسين شاهه لطيفي، بهترين سگهڙ جو ايوارڊ گل حسن گل، بهترين محقق جو ايوارڊ نواز علي شوق، بهترين سازندي جو ايوارڊ جئي رام جوڳي، بهترين ڍولڪ نواز جو ايوارڊ محمد نواز، بهترين راڳي جو ايوارڊ صوفي مانجهي فقير، ۽ عرس مبارڪ دوران بهترين انتظامن تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري  محمد يوسف شيخ ۽ ايس ايس پي مٽياري سيد اصغر شاه کي ايوارڊ ڏنا ويا.

راڳ جي محفل، دنبوري جي تند تي شاهه جو ڪلام پيش

ڀٽ شاھ: شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي جي موقعي تي لطيفي راڳ رنگ جي محفل ۾ درگاھ جي راڳي فقيرن محمد اسماعيل ميرجت، سيد شفقت حسين شاهه ۽ ٻين پاران دنبوري جي تند تي  شاهه   جو ڪلام پيش ڪيو ويو، جڏهن ته نالي وارن فنڪارن شمن علي ميرالي ،ديبا سحر، اقرار وحيد علي، ريشمان پروين ،شهنيلا علي، برڪت علي تارا چند، انور علي وسطڙو، وزير علي شاھ ۽ ٻين پاران سرن جي ورکا ڪئي وئي ۽ هزارين ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو صوبائي وزيرسيد ذوالفقار علي شاھ، صوبائي وزير اسپورٽس سردار محمد بخش خان مهر، صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، ايم پي اي سهراب خان سرڪي ۽ ٻين به راڳ رنگ جي محفل ۾ شرڪت ڪئي.

عرس جي موقعي تي 150 کان وڌيڪ پانڌيئڙن جا کيسا ڪٽجي ويا

ڀٽ شاھ: حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي 150 کان وڌيڪ زيارتين جا شاهينگ کيسا ڪٽي ويا، درگاهه ڀٽائي سميت شهر جي رش وارن علائقن خاص ڪري شولائين اندر مختلف علائقن مان آيل پانڌيئڙن جا کيسا صاف ٿي ويا، ڀٽ شاھ پوليس موجب 30 کان وڌيڪ جيب ڪترن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي

ثقافتي ڳوٺ تي پانڌيئڙن جا ميلا متل رهيا

ڀٽ شاھ: ڀٽ شاھ جي ميلي جي موقعي تي ثقافتي ڳوٺ تي پانڌيئڙن جا ميلا متل آهن جڏهن ته ثقافتي ڳوٺ ۾ قائم ڪيل اسٽالن تي سنڌ جي ثقافتي شين اجرڪ، لونگي ،رلين، جنڊي ۽ ٻين تي پانڌيئڙن جو رش لڳل آهي مقامي فنڪارن پاران ثقافتي ڳوٺ ۾ موسيقي جي محفل به منعقد ڪئي وئي

اسان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام تي عمل ڪرڻ گهرجي: نجمي عالم

ڀٽ شاهه: سنڌ جي وڏي وزير جي لائيواسٽاڪ ۽ فشريز بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم ڀٽ شاهه پھچي سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي ۡحاضري ڀري ۽ چادر چاڙھي ان موقعي تي صوبائي صلاحڪارسيد نجمي عالم ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڀٽائي سرڪار جيڪو امن ۽ محبت جو پنھنجي ڪلام ۾  پيغام ڏنو آھي ان تي اسان کي فخر آھي اسان جو فرض آھي ته سندس ڏنل ان پيغام تي عمل ڪري ڏيکاريون ۽ سنڌ سان محبت ۽امن لاءِ  ڪوشان رھون.

درگاهه ڀٽائي جي سجاده نشين مريدن کي زيارت ڪرائي ڌاڳن جي رسم ادا ڪئي

ڀٽ شاھ: درگاھ ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه لطيفي پاران درگاهه تي پھچي غير سرڪاري رسمن جي پڄاڻي واري دعا گهري ورتي، سيد خاور حسين شاهه لطيفي درگاهه تي پھچي مريدن کي زيارت ڪرائي ڌاڳن جي رسم ادا ڪئي وئي ان موقعي تي ملڪ جي ترقي خوشحاليءَ ۽ سنڌ ۾ امن امان سميت فلسطين عوام لاءِ اجتماعي دعا ڪئي وئي. جڏهن ته درگاھ جي سجادہ نشين سيد وقار حسين شاه لطيفي پاران آمريڪا مان ٽيلفون ذريعي خطاب ڪندي عالم انسانيت لاءِ دعا ڪئي وئي.

Leave A Comment