ڀان سيدآباد ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ شاخن ۾ زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو
جُولاءِ 30, 2024
ڀان سعيدآباد (ن پ ا) ڀان سعيدآباد انڊس هاءِ وي تي سم نالي وٽ دائم برانچ، دل شاخ ۽ اڪتڙ شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ايم اين وي ڊرين جو زهريلو پاڻي شاخن ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف آبادگارن منظور جمالي، بدر پنهور، شوڪت مري، رئيس مدد علي جمالي، آصف پنهيار ۽ منير مينگل جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي بند ڪري آبپاشي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، ڌرڻي سبب لاڙڪاڻي کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ٻن ڪلاڪن تائين معطل ٿي وئي، احتجاج ڪندڙ آبادگارن چيو ته دائم برانچ، اڪتڙ شاخ ۽ دل شاخ ۾ درياهه جو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ بدران ايم اين وي ڊرين جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪري اسان جون زمينون تباهه ڪيون پيون وڃن، هنن چيو ته دائم برانچ، اڪتڙ شاخ ۽ دل شاخ ۾ گذريل ڪيترن سالن کان زرعي پاڻي جي کوٽ آهي، احتجاج ڪيا پر ڪو نوٺيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن چيو ته وڏو وزير سيد مراد علي شاهه تڪ جي عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، هنن چتاءُ ڏنو ڏنو ته ٽن ڏينهن اندر ڄاڻايل شاخن ۾ پاڻي ڏئي ايم اين وي ڊرين جو زهريلو پاڻي ڇوڙ بند نه ڪيو ويو ته سي ايم هائوس واهڙ اڳيان شاميانو هڻي ڌرڻو هڻنداسين.
حيدرآباد: هالاناڪي جي فلٽر پلانٽ جون مشينون خراب، 15 ڏينهن کان فراهمي بند، احتجاج
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي هالاناڪي وٽ قائم فلٽر پلانٽ جون مشينون خراب ٿيڻ سبب سٽي تعلقي جا رهواسين کي 15 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي، علائقي واسين پراڻي نيشنل هاءِ وي وٽ پهچي ڪاري موري تي احتجاجي مظاهرو ڪري ايم ڊي واسا ۽ ميئر خلاف نعريبازي ڪئي، احتجاج سبب ڪيترائي ڪلاڪ حيدرآباد کان شهيد بينظير آباد سميت ٻين ضلعن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي شاهنواز، غفار ۽ ٻين چيو ته فلٽر پلانٽ جي ايڪسين محمد اسحاق پاران مشينون خراب هئڻ جو جواز ڄاڻائي کين ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي، ڏورانهن علائقن ۾ وڃي پيئڻ جو پاڻي ڀري اچڻ يا وري پئسن عيوض پاڻي وٺڻ تي مجبور آهن، هنن چيو ته ايم ڊي واسا سميت لاڳاپيل عملدارن کي شڪايتون ڪيون هيون پر ڪو به تدارڪ نه ٿيڻ کانپوءِ مجبور ٿي انهن روڊ بند ڪيو آهي. هنن ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن کين پيئڻ جو پاڻي فراهم ٿي سگهي. هوڏانهن مظاهرين جي احتجاج کانپوءِ لاڳاپيل عملدارن پوليس معرفت پهچي کين خاطري ڪرائي ته اڄ تائين مشينون ٺهرائي کين پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ انهن پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو هو.
رتيديري ۾ آبادگارن ۽ هارين جو پاڻي جي کوٽ خلاف ڌار ڌار مظاهرو، ڌرڻو
رتوديرو (ن پ ا) رتا بئراج ۽ جلباڻي شاخ جي آبادگارن، هارين ۽ ڳوٺاڻن پاران شهداڪوٽ _ رتوديرو روڊ تي زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف ڊاڪٽر عبدالرحيم ڀٽو ، حيدر چانڊيو، چڪ چانڊيو، بخشو ساريو، محمد پنڃل بوزدار، غوث بخش عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ٽريفڪ پڻ بند ٿي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ساريالو فصل پوکڻ جا ڏينهن آهن، پر اڃا تائين رتا بئراج ۽ جلباڻي شاخ ۾ پاڻي ڪونه ڇڏيو ويو آهي، هنن چيو ته انجنيئر ۽ ايس ڊي او آبپاشي ملي ڀڳت ڪري هٿ وٺي پيسن عيوض پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن پاڻي نه هجڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي ويندي، هٿرادو کوٽ سبب پاڻي بجاءِ واري اڏامي رهي آهي ساريالي فصل جو ٻيجارو سڪي رهيو آهي. ٻئي طرف رتوديرو ڀرسان ڳوٺ احمد خان جلباڻي جي رهواسي آبادگارن ۽ هارين پاران پڻ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو مظاهرين آدم، مبشر علي، گل محمد، محمد قيصر، عرفان علي ۽ جاويد جلباڻي چيو ته ساريالو فصل پوکڻ جو ٽائيم آهي پر طيب مائينر ۾ پاڻي بلڪل به ڪونهي پاڻي نه هجڻ سبب اسان سخت پريشان آهيون هنن چيو ته اسان جو گذر سفر سارياليفصل تي هوندو آهي جنهن لاءِ به پاڻي ڪونه ٿو ڏنو وڃي هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته زرعي پاڻي جي کوٽ ختم ڪري اسان کي پاڻي مهيا ڪري ڏنو وڃي.
حيدرآباد: اڪرم واهه مان نڪرندڙ مين لائين مان پاڻي چوري
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ هيلٿ کاتي جي لاپرواهي سبب اڪرم واهه مان جهنڊو کوسو ڳوٺ ڏانهن ويندڙ مين لائين مان پاڻي چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن ڪري ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آهن، انتظاميا پاران ڪو تحرڪ نه وٺڻ کانپوءِ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت مک لائين ۾ لڳل پاڻي جا سوين غيرقانوني ڪنيڪشن ڪٽي بند ڪري ڇڏيا آهن، ڳوٺاڻن مظهر کوسو، ايڊووڪيٽ رحمان کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪافي عرصي کان سندن ڳوٺ ڏانهن ويندڙ 8 انچ جي مين لائين مان بااثر ماڻهو، بٺي مالڪ، پولٽري فارمز توڙي ٻيو ڪاروبار ڪندڙن چوري جا ڪنيڪشن لڳائي ڇڏيا آهن جنهن بابت انهن پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن کي درخواستون ڏنيون هيون جنهن تي عملدارن ڊپٽي ڪمشنر کان سيڪيورٽي جي گهر ڪئي جيڪا ملڻ باوجود انهن اڃا تائين غيرقانوني طور لڳل ڪنيڪشن بند ناهن ڪيا جنهن ڪري هو پاڻي کان محروم آهن. هنن چيو ته انتظاميا ساڻن ڪو سهڪار نٿي ڪري جنهن ڪري انهن پنهنجي مدد پاڻ تحت هيستائين لڳ ڀڳ 100 ڪنيڪشن بند ڪيا آهن پر اڃا به ڪيترائي غيرقانوني طور ڪنيڪشن لڳل آهن جنهن ڪري سندن ڳوٺ ڏانهن پاڻي ئي نٿو پهچي.